سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ … اوھان کان اُٿياسين سِڌو سمنڊ تي

0
30
سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ ... اوھان کان اُٿياسين سِڌو سمنڊ تي

 جيوَن جي اَجهاڳ سفر ۾ ملي ويندڙ اھي ماڻهو، جن جو ملڻ يقينن خوشي ھوندو آھي، سائينداد ساند به انھن مان ھڪ ھو. ساڻس منھنجو تعلق سنڌي شاعريءَ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ڪري جُڙيو ھو.

                 سائينداد ساند سان جڏھن پھريون ڀيرو مليو ھوس، تڏھن سندس شخصيت مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ھو، سندس قَدُبُتُ، جسامت ۽ سانورو مَنَ بانورو رنگ مون کي ڏاڍو وڻيو ھو، ۽ سندس آوازُ ۽ لَھجو ته ان کان به گهڻو وڻيو ھو. پل کن ۾ ايترو ته پيار ڏنو ھئائين، جو آئون ھميشہ لاءِ سندس محبت جو مَتوالو بڻجي ويس. سائينداد ساند جو تعلق ٿَرَ سان ھو. ٿَرَ جنھن لاءِ انور پيرزادو چوندو ھو ته: ”ٿَرُ سِنڌو تَھذيب جو جيئرو جاڳندو ميوزيم آھي.“

                 منھنجو ٿر وڃڻ ڏاڍو گهٽ ٿيو آھي، پر آئون جڏھن به مِٺيءَ ويو ھوندس، تڏھن ٿَرَ جي ھن مٺڙي، محبتي ۽ مور ماڻهوءَ سان ضرور مليو ھوندس. ھڪ ڀيري ھُو به قاضي احمد کان گذرندي مون سان مليو ھو، سنڌي ٻوليءَ جو سھڻو شاعر ۽ شاعريءَ جي ڪتاب “ڀَڳي ھَڏَ جئن ڏُکان آئون” جو تخليقڪار خليل ڪنڀار به ساڻس گڏ ھو. سائينداد ساند پنھنجي شاعريءَ جو ڪتاب “دل جي تاريخ” پڻ مون ڏانھن گفٽ ڪري موڪليو ھو. جڏھن ته سندس شاعريءَ جي پھرئين مجموعي “ڳوڙھن ڳالهايو” کي پڻ مون وڏي پيار سان پڙھيو ھو.

سائينداد ساند ڪمال جو شاعر ھو. امر ساھڙ چواڻي ته: “سائينداد ساند سنڌي ٻوليءَ جي اُنھن چند شاعرن مان ھڪ آھي، جنھن وٽ لفظ به پنھنجا ته خيال به پنھنجا”، ۽ ڀارو مل امراڻي چواڻي ته: “سائينداد ساند جي شخصيت ڪارونجهر تي کنوڻين جون کجڪارون آھي ۽ سندس شاعري ڪنواري جي ڳلن تي کُٻ وانگر آھي.“ ھُن جي شاعريءَ ۾ صدين جي صَدا آھي، پرھ جو پيغام آھي. بھارن جا سنيھا ۽ مورن جا رقص آھن. سندس سٽ سٽ ۾ محبت جا مامرا ۽ دل جون ڳالهيون آھن، جيئن:

ڪنھين ھٿ ھِلايا ته ڳوڙھا ڳَڙي پيا،

اوھين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا.

…..

ٽوليءَ مان ئي ٽاريو ٿا،

دل پٿر جي ڌاريو ٿا.

…..

اسين ڪيئن جياسين اِھو ڇڏ کڻي،

وڇوڙي وڍياسين، اِھو ڇڏ کڻي.

سائينداد ساند جي شاعري ٻُڌندي عجيب سُڪونَ سان گڏ عجيب تڙپ به محسوس ٿيندي آھي. ھُن جي شاعري به ھن جي شخصيت جيان موھيندڙ آھي.

ايڪيھين فيبروري 2024ع تي منھنجي پٽ ڪاشف ٻُڌايو ته: ”سائيداد ساند گذاري ويو”. خبر ٻُڌندي ئي ڄڻ ته مون تي وِڄَ ڪري پئي ھئي ۽ منھنجو سڄو وجود ٽانڊا ٿي ويو ھو. ان ڏينھن نائين ڪلاس ۾ منھنجو سنڌيءَ جو پيرڊ ھو، مون شاگردن سان سائينداد ساند جي وڇوڙي جو ذڪر ڪيو ۽ سندس مڪمل تعارف ڪرايو. مون ڪنھن شاگرد کي سندس غزل “ڪنھين ھٿ ھِلايا ته ڳوڙھا ڳَڙي پيا” ۽ “اسين ڪيئن جياسين، اِھو ڇڏ کڻي” يوٽيوب تان لاھي ھَلائڻ/وَڄائڻ جو چيو. جڏھن فوزيه سومرو ۽ رجب فقير جي آواز ۾ سندس غزل وَڄايا ويا ته منھنجي نيڻن منجهان گونگو مينھن وَسي پيو، جيڪو ھينئر به وَسي رھيو آھي. مون سندس فيس بڪ آءِ ڊيءَ تان سندس ٻه تصويرون ۽ سندس پٽ شُميدَ جي ھڪ تصوير، لاھي ورتيون، جن کي ڏسندو رھيس. مون ڪال ڪري سندس پُٽَ سان تعزيت ڪرڻ چاھي، پر الائي ڇو مون کي ھمٿ نه ٿي، بس سائينداد ساند جي موبائيل نمبر تي تعزيتي واٽس ايپ  ڪري ڇڏيو ھو، ۽ نيٺ ھڪ مھيني کان پوءِ 23 مارچ تي، کيس ڪال ڪري تعزيت ڪيم ته اکيون آليون ٿي ويون.

سائينداد ساند سنڌي ٻوليءَ جو بيحد سھڻو شاعر ھو، سندس شاعريءَ تي آئون ڇا ڳالهايان، ڇو تہ شايد آئون بلبل کورواھيءَ جھڙي سگهاري راءِ ڏئي نه سگهان، ان ڪري ھِتي بلبل جا لفظ، سندس ٿورن سان رکان ٿو. جنھن لکيو ھو ته: ”سائينداد ساند ھڪ اعليٰ پائي جو شاعر آھي. ھڪ اھڙو شاعر آھي، جنھن کي عام ۽ خاص بي انتھا پسند ڪن ٿا. فنڪار سندس شاعريءَ کي چاھَ سان ڳائيندا آھن. سندس شاعري پنھنجو پاڻ ڳالهائي ٿي. سائينداد ساند جا پارکو کيس پنھنجي جيءَ ۾ مُعجزي جھڙي جاءِ ڏين ٿا، ھُو سندس فن ۽ فڪر جا عاشق آھن.“ اُھو سَچُ آھي ته آئون به سائينداد ساند جي شاعريءَ جي عاشقن مان ھڪ آھيان.

سائينداد ساند پنھنجي شاعريءَ لاءِ لکيو ھو ته: “منھنجي لاءِ شاعري ايئن آھي، جيئن ڪو ‘مُرڪي’ پوي”. ۽ آئون سمجهان ٿو ته مُرڪ، ھڪ سَچيءَ مُرڪ لاءِ ڪنھن به ڪوشش جي ضرورت ناھي ھوندي. آئون صرف ايترو چوان ٿو ته آئون جڏھن به سائينداد ساند جي شاعري ٻُڌندو آھيان، تڏھن ھڪ وجداني ڪيفيت محسوس ڪندو آھيان. ھو لفظن نه پر جذبن ۽ احساسن جو شاعر آهي، جنھن جو وڇوڙو مون سميت سندس ڪيترن ئي پرستارن ۽ چاھيندڙن جون اکيون آليون ڪري ويو آھي. ان درد جي علاج لاءِ دل چوي ٿي ته سندس ئي غزل جي شعر جو سَھارو وٺان ته:

اوھان کان اُٿياسين سِڌو سمنڊ تي.

اُتي ڪيئن ٿياسين، اِھو ڇڏ کڻي.

برھ باھ وانگي وڪوڙي وئي،

ٻرياسين بچياسين، اِھو ڇڏ کڻي.