ڳالهيون ڳنوارن جون … ونڊ پاور جي جرڪندڙ روشنين سبب جهنگلي جيوت جو خاتمو

0
38
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ونڊ پاور جي جرڪندڙ روشنين سبب جهنگلي جيوت جو خاتمو

`مجبور، محڪوم ۽ مظلوم طبقي تي لکندي، قلم کي ڄڻ مهماءِ ملي ويندي آهي. ڪير آهي ۽ ڪنهن کي پئي آهي جو ويهي پراوا سور پنهنجي مٿي ۾ وجهي پر ناچار هي درماندي دل اندر ئي اندر ۾، “کامان، پچان، پڄران، ٻران ۽ ٻرڪان” واري ڪيفيت مان گذرندي آهي. پوئين آڌيءَ جو سور سرجندا آهن. هينئڙو اڏامي هليو ويندو آهي ٺٽي جي ٻهراڙين ۾، جتي پيار آهي. پاٻوهه آهي. پيڙا آهي. هتي جي ڍانڍي علائقن جا ماڇي ۽ مهاڻا ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ ساهه تڳائي رهيا آهن. هنن مسڪينن جو گذر سفر مڇي ۽ پکي تي. مڇيءَ جو اعلى نسل پلو ۽ ڏنڀرو زوال تي آهي. باقي دِيو، مُنڍو، بونهڻ ۽ ٻي سنهي مڇي لوجهري وڃي بچي آهي. ان مان پيٽ جي پورت اصل ڪانه ٿي ٿئي.

                 هن ڀيري جو ڪنهن ڪم سانگي جنگشاهي وڃڻ ٿيو، ته منهنجي پراڻي دوست امام بخش عرف ٽلو مهاڻي رات جي وڳڙي ۾ ٻانهن کان جهلي هلي هاليجي ڍنڍ جو حال ڏيکاريو. ونڊ پاور جي بتين جي روشنيءَ جو اولڙو پاڻيءَ تي ٻري ۽ اجهامي رهيو هو. هن ٻڌايو ته ان روشنيءَ جي ڪري هيل ڍنڍ ۾ پکي لٿو ئي ڪونه. ڇتيري، هڏيرو توڙي ڪلاسيڪل دور واري ڪينجهر ڍنڍ جو به ساڳيو حال آهي. پکي سامونڊي ڪيٽين طرف هليو ويو. بلڪه سرحد ئي پار ڪري وڃي محفوظ پاڻين تي لٿو، جتي نه ماري آهن، نه شڪاري. هنن ماڻهن جي گذران جو اهو اهم ذريعو به ختم ٿي ويو.

ٺٽي جي ڪوهستان واري علائقي جي حالت به زار آهي. نئين بارڻ کان وٺي گهگهر جي ڍوري تائين ونڊ پاور جي جرڪندڙ روشني هيٺان جهنگلي جيوت جو خاتمو ٿيندو پيو وڃي. گدڙ ۽ لومڙيون رات جو شڪار تي نڪرنديون آهن. سها به رات جو چرڪي تي نڪرندا آهن. ٻيا ريڙهيون پائيندڙ جيت جڻيا به کاڌي جي تلاش ۾ رات جو نڪرندا آهن. چمڪندڙ روشنيءَ ۾ شڪار ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. بکن ۾ جانور مرندا پيا وڃن. ٻيو اهم مسئلو پاڻيءَ جو آهي. گذريل ٻن سالن کان جبل ۾ برسات ڪانه پئي آهي. ڪن علائقن ۾ گهٽ مينهن پيو آهي. ٿيندو ائين آهي جو برسات ۾ کيٽ ڀرجي ويندا آهن. ڪڏهن ته ٻنڌيون به جهري پونديون آهن. پٽ ڀرجي ويندا آهن. هيٺانهين تي پاڻي ڀرجي ويندو آهي، جنهن تي جيت جانور پکي پکڻ جو جيئدان ٿيو پوي. هيل جو ٻن سالن کان جبل ۾ برسات ڪانه پئي آهي يا تمام گهٽ پئي آهي، ته جهنگلي جيوت انتهائي مشڪلات جو شڪار آهي. پکين ۾ بگڙو تتر پاڻيءَ جو ڏاڍو آهي. باقي ڳيرو، ڪرڪٽ، جهرڪي، ڪانگ، چيهي وغيره کي پاڻي جي اڃ لڳندي آهي. ٻاٽيرو ڏينهن جي پهرين پهر ڪنهن نه ڪنهن تلاءُ تي اچي چهنب ٻوڙيندو آهي. هاڻ اهي سڀ پکي گهڻو ڪري سانگ ڪري هي پڊ ڇڏي الائي ڪيڏانهن اڏامي هليا ويا.

ڪوهستاني دوست خانو جوکئي سان موٽر سائيڪل تي چڙهي جنگشاهي وارا کيٽ ۽ بٺيون ڏسڻ جو موقعو مليو. رت جي بوءِ پئي آئي. کيٽ ويران جهنگ ٿي ويا هئا. پاڻيءَ جا تراءُ سڪي بڻاٺ ٿيل هئا. مونکي ياد آهي، اڳي جڏهن شڪارن تي انهن پڊن تي وڃڻ ٿيندو هو ته چاڙهو پچاڙو ڪبو هو، قابل جوکئي جي جهوپڙي تي. قابل دلربا ڳوٺاڻو هو. اڪيلو جبل ۾ رهندو هو. سندس اباڻو کيٽ جنگشاهي نئين جي ڪنڌيءَ تي هو. وس ۾ ته گل و گلزار هوندو هو پر ڏڪار جي ڏينهن ۾ به شڪاري شڪار تي اچي قابل جي جهوپڙيءَ تي پاڻو ڪندا هئا. راتيون رهي، مجلسون مارڪا ڪري، اٿندا هئا. جهوپڙي پئي وسندي هئي. هاڻ قابل هن جهان ۾ نه رهيو هو. اسين سندس اڄاڙ کيٽ ۽ ديوين جي وڻن ڏي نهاري چند لڙڪ لاڙي هلي پيا هئاسين. ان جي اڀرندان عوثن جمعدار جو ڳوٺ هو. عوثن ريلوي ۾ جمعدار هو. جڏهن مون ڏٺو وڏي عمر جو هو. شگر جي بيماري کائي وئي هئس. پوءِ به هشاش بشاش لڳندو هو. روز انسولين جي انجيڪشن لڳرائيندو هو. جنگشاهي وارا ڊاڪٽر بقا محمد ۽ دولت راٺوڙ وارا روز سندس مهمان هوندا هئا. آئون به ڪڏهن ڪڏهن انهن سان گڏجي پوندو هئس. ڪا رات خالي ڪانه هوندي هئي، جو عوثن وٽ چار مهمان نه ٽڪيل هجن. مهمانن کان سواءِ ماني جو گرهه به نڙي مان ڪونه ڳسڪندو هئس. هاڻ جو وڃي ڏسون ته ڪاري وارا ڪک هئا. ڳوٺ برباد ٿي ويو هو. عوثن هي جهان ڇڏي چڪو هو. سندس ڪهول لڏي وڃي جنگشاهي ڀرسان، جنگشاهي نئين جي ڪنڌيءَ تي ويٺو هو. پڊ پالها ڏسي درماندي دل مان دانهون نڪري ويون.

اڳتي ماستر پيار علي وارو کيٽ، ماما مولو وارا کيٽ، ويران برباد اٻاڻڪا ۽ اداس هئا. اهي اسان کي ان دور جي ياد ڏياري رهيا هئا، جڏهن هتي هر طرف هريالي هوندي هئي. شڪاري شڪار تي سنبرندا هئا. وليز جيپ ماما مولو هلائيندو هو. پويان ويٺل هوندا هئا رئيس تاج محمد جوکيو مرحوم، ڪرم علي جوکيو، مرحوم پيار علي جوکيو، موسو جوکيو ۽ هي فقير. پوءِ ته مارو جبل، ساڏورو، لوٽماڻ، مگر، موريو، ڪارو ارو، ڀاڏ، ٺڪر واريون بٺيون ۽ مڪان لتاڙي شڪار ڪري اتيت واري تراءَ تي اچي رڌ پچاءُ ڪبو هو. جبل جو هي مشهور تراءُ هو، جتي ڪنهن دور ۾ سنڌي هندو ياتري اچي باسون ڏيندا هئا. تراءُ جي پاڪ پاڻيءَ سان لڱ اگهاريندا هئا. پاڻيءَ تي ڏيئن جي جوت جاڳائيندا هئا. سُڪار جون دعائون گهرندا هئا. اڄ اهو تراءُ سڪل برباد ٿيل هو. مالڪ ملڪ ئي ڇڏي هليا ويا هئا. وقت رسي ويو هو. اڄ اتي ڪانگ به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو.

اسين رلندا رهياسين. سڀ کيٽ برباد هئا. غريبن ويچارن جو ته نه اوهي نه واهي. انهن جا حال اڳئي پورا هئا. هينئر ڏڪار جي ڪري حالت وڌيڪ خراب هئي. اڄ جو نظر ڦيرايون ٿا، ڪوهستان اداس آهي. ساري سنڌ اداس آهي. سرمائيدار عيش ۾ آهن. باقي سنڌ جي چند جاگيردارن کي ڇڏي (حال انهن جا به پورا آهن) زمينداري لڏي جو حال هيڻو آهي. عمر خيام جي رباعيءَ جو هي شعر ان صورتحال جي ڪيڏي نه ترجماني ٿو ڪري:

گفتم اھل تولہ چہ طائفہ اند؟

گفت دربند جمع مالي چند۔

(پڇيم دولت مند ڪيئن آهن؟ چيائين فڪر ۾ گرفتار. مال ۽ دولت جمع ڪرڻ جا شوقين)

هڪ ٻئي بند جي معنا آهي:

“پڇيم زميندارن جو ڪهڙو حال آهي؟ هن چيو هڪ هفتي جي عشرت و زندگي، سارو سال غم ۽ فڪر”.