عالمي تخريبڪار لاڙا

0
37
عالمي تخريبڪار لاڙا

 آمريڪا پنھنجي عادت نه ٿو ڇڏي. ھن يوڪرين لاءِ نيٽو فوجون موڪلڻ جو اعلان ڪيو آھي. مقصد ھي ٻڌايو اٿس ته يوڪرين ۾ روس جي لڳاتار حملن کي روڪبو. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي جي چوچڙيءَ سان ھيءَ باھ يوڪرين کان وڌي چڪي آھي. ايئن يقينن ناھي ته روسي صدر پيوٽن کي ان ڏوھ کان آجو ٿو ڪجي. ھن تي پنھنجي مخالف صدارتي اميدوار اليڪسي  نوليني کي مارائڻ جا الزام آهن. غير جمھوري ڪم ته ڪيائين پر پاڻ کي ھڪ طرح تاحيات صدر به چونڊرائي ويو آهي. صدارتي چونڊن جي نالي ۾ تازو به روس ۾ ڊرامو ٿيو. چيني سربراھ زي جن پنگ به پنھنجي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ذري جو جمھوري ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏنو آھي. نه ته نو لکي سي پي ۾ ڪو ھڪ به اھڙو نه ھو، جيڪو اسري نسري اڳيان اچي ۽ زي جن سان مقابلو ڪري. ھتي به اسٽالن ازم جي تاريخ ورجائجي پئي. اسٽالن بعد آيل ليڊر کي پارٽيءَ جي ڀرئي اجلاس ۾ چٺي ملي ته اوھان اسٽالن تي تنقيد ڇو نه پئي ڪئي ۽ کيس ظلمن کان روڪيو ڇو نه پئي. ته سندس منھن ڳاڙھو ٿي ويو ۽ رڙ ڪري چيائين ته ھيءَ چٺي ڪنھن موڪلي آھي!؟ ان تي سڀ ماٺ ھئا، ڪنھن به ٻڙڪ نه ٻولي. ٿوري دير بعد ھو نارمل ٿيو ۽ چيائين ٺيڪ اھوئي سبب ھو جو اسان ڪا به تنقيد نه ڪري سگھياسين.

          چين، روس ۽ آمريڪا جنگ لاءِ تيار آھن. آمريڪا ۽ يورپ جي ھڪ ڀاري جنگي مشن نيٽو جي صورت ۾ موجود آھي. ستن ملڪن جي مڃيل ايٽمي طاقت. چئي سگھجي ٿو ته دنيا پنھنجي تباھيءَ جو سامان تيار رکيو آھي. ٻين لفظن ۾ آپگھاتي جئڪيٽ پاتل اٿس. اھو جنون، اھا عالمي چريائپ آخر ڇو !؟  ملڪن نه پر ھر ملڪ جي حڪمران ٽولي جي معاشي مفادن سبب. طبقاتي مفادن ھڪ طرف ھر ملڪ اندر جنگي ميدان تيار ڪيو آھي، جتي عوام سرمائيدارن جي مڙھيل جنگ ۾ پنھنجو ٻليدان ڏيڻ تي آخرڪار مجبور ٿي رھيو آھي، ته ٻئي طرف ملڪن جو ھڪٻئي کي ڌمڪيون. آمريڪي نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر ايوريل ھينس سينيٽ جي ھڪ ڪميٽيءَ سامھون بيان ۾ چيو آھي ته چين اسان کي سرپرائيز ڏيڻ لاءِ ھر صورت ۾ تائيوان حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي حملي جي تياري ڪري رھيو آھي. چين جي حڪمران ڪميونسٽ قيادت کي آمريڪا طرفان اڳ ۾ ايٽمي حملي جو خدشو آھي ۽ چين ان جو جواب ڏيڻ لاءِ ملڪ جي اولاھين حصي ۾ 300 کان وڌ ايٽمي بين البراعظمي بئلسٽڪ ميزائل لڳايا آھن.

آمريڪي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسين جي ڊائريڪٽر مسٽر ري موجب ايف بي آءِ فوجي اڏن ۽ اھم انفراسٽرڪچر ويجھو آمريڪي زمين جي چيني خريداريءَ جي جاچ ڪري رھيو آھي. چين ايئن ڪري آمريڪي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ جاسوسي لاءِ ان زمين کي استعمال ڪرڻ ٿو چاھي. آمريڪا جتي سخت ردعمل جي ڌمڪي ڏئي ٿو، اتي اھو به چوي ٿو ته ھو چين سان ٽڪراءُ نه ٿا چاھين، واپار چاھي ٿو. چين به اھڙي ئي ڳالھ ڪري ٿو. روس اھڙي رعايت سان نه ٿو ڳالھائي. بلڪ ھو نيٽو وارن تي ايٽمي حملي جي سڌي ڌمڪي ڏئي ٿو ۽ آمريڪي ۽ يورپي حڪمران ان کي سنجيده نه ٿا وٺن.

سنسار جا سڀ ماڻھو ڏسي رھيا آھن ته بي ھٿيار فلسطيني ٻچڙا ڪسجي رھيا آھن پر دنيا جو ھر ملڪ صورتحال کي ايتري حد تائين ته سنجيده وٺي رھيو آھي، جو ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿو ڪري. ڪيترن ئي ماڻھن کي ڏندين آڱريون آھن ته دنيا جون حڪومتون ان حد تائين بيحس ٿي سگھن ٿيون جو اڪثر حڪومتون اسرائيلي حملن جي سکڻي نندا به نه ٿيون ڪن ۽ جيڪي ڪن ٿيون سي به مشروط ڪن ٿيون. ڪيترين ئي حڪومتن پاران اڳ ۾ حماس جي مذمت ٿئي ٿي. ڪانوَ جي ڪاوڙ اڪ مڪڙ تي.

پوري ڪھاڻي ته پنھنجي ھنڌ پر ايترو ضرور آھي ته روس- آمريڪي جنگباز بيانن سان سرمائيداريءَ کي خطرو ناھي، خطرو انسانن کي آھي. ۽ حڪومتن کي ان ھاڃي جي پرواھ ناھي. جيستائين فلسطينين جي ڳالھ آھي ته ايران وغيره  کي ڇڏي ڪري سڀ حماس خلاف ڪارروائي کي جائز چوڻ ذريعي صيھونين طرفان معصومن جي ٿيندڙ ڪوس کي جائز مڃي رھيا آھن. سوال آھي ته حماس انھن جو ڇا بگاڙيو آھي!؟ حماس جي تاريخ  سماجي ڪمن سان ڀريل آھي. پوءِ ھيءَ تنظيم ھٿياربند ٿي صيھونين خلاف پرتشدد ڪارروائين تي لٿي. پرتشدد ردعمل درست آھي يا نه. ان حساب سان حماس جي حمايت ڪجي يا نه!؟ اھو بحث حڪمران ايوانن ۾ نه ٿي رھيو آھي. اھي سڀ حماس جا ايتري حد تائين ويري آھن، جو اسرائيلي ڪارروائين ۾ ان جو ساٿ ڏئي رھيا آھن. ڪي صيھونين کي تيل، ڪي ھٿيار، ڪي مالي حمايت ۽ ڪي سفارتي حمايت ڪري رھيا آھن. سعودي عرب اڃا به اسرائيل کي مڃڻ جي امڪان تي ويچاري رھيو آھي.

روس ۽ چين حماس خلاف آمريڪي ٺھراءُ ويٽو ڪري ھڪ ننڍڙي خوشخبري ڏني آھي. پر ان جي ورڊنگ تي ويچارڻ جڳائي. روس ۽ چين رڳو اھو چيو آھي ته آمريڪا اسرائيل کي کليل ڇوٽ ڏيڻ لاءِ دنيا جي حمايت چاھي ٿو. جڏھن ته روس ۽ چين کي اھو چوڻ گھرجي ته حماس ردعمل طور حرڪت ۾ آھي ۽ اھا دھشتگرد ناھي. حيرت جي ڳالھ آھي جو يو اين ۾ سڀ نمائندا دھشتگرديءَ جي ڪنھن وصف تي متفق ناھن. ھيئن چئي سگھجي ٿو ته گڏيل قومن وٽ دھشتگرديءَ جي ڪا وصف آھي ئي نه. پر يو اين جي چند ميمبرن کي ڇڏي سڀني ملڪن جا عيوضي حماس جا جاني دشمن آھن ۽ اھي حماس کي ھر قيمت تي ختم ڪرڻ ٿا گھرن. پوءِ ڀلي فلسطيني شھرين، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي ڪٺو وڃي.

دنيا ۾ ھڪ ھيءَ راءِ آھي ته حماس، ان جو نظريو، ان جي مزاحمت، جيڪڏھن جاري رھي ۽ پاڻ فلسطيني جيڪڏھن آزاد ٿيا ته آخرڪار اھي خطرو ھوندا دنيا جي حڪومتن، امير سياستدانن، انھن جي ڇاڙتن يورپي وزيراعظمن، آمريڪي چوڌراھٽ ۽ سرمائيداري نظام جي لاءِ. صيھوني، دنيا جي سرمائيدارن جا عيوضي ۽ دولت جي دنيا تي ۽ ميڊيا جي آسمان تي ڇانيل آھن. اھي فلسطيني ڪيس ان طرح پيش ٿيڻ نه ٿا ڏين، جنھن طرح پيش ٿيڻ گھرجي. فلسطين ھڪ ٽيسٽ ڪيس آھي. ان مان خبر پئي ٿي ته حق ۽ باطل جا حامي ڪھڙا آھن.