سيٺارجا (ن پ ا) ڳوٺ عبدالحميد موجائي ۾ نوجوان پهلوان موجائي مبينا طور ناري سان موبائل تي ڳالهائڻ جي الزام هيٺ جوابدار محمد آچر ۽ ٻين ڳوٺاڻن نوجوان کي مٿي ۾ ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن