سيٺارجا (ن پ ا) ڪوٽڏيجي واسي 65 سال جي صدورو بڙدي کي ڦڦڙن جي بيماري سبب سيٺارجا علاج لاءِ آندو پئي ويو ته پير ٻڍڙو لنڪ روڊ تي قائم ڳوٺ وليداد لنڊ ۾ روڊ تي نوجوان گاڏي کي ڀتر هنيو، ته جهيڙو ٿي پيو، پيرسن صدورو بڙدي پراسرار نموني فوت ٿي ويو. وارثن پيرسن جو لاش سيٺارجا ٿاڻي تي آڻي ڌرڻو هنيو. پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار محمد، احمد علي لنڊ کي فوري طور تي گرفتار ڪري ورتو، بشير احمد بڙدي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پيءُ کي ڦڦڙن جي تڪليف هئي جنهن جي دوا جي لاءِ سيٺارجا اچي رهيا هياسين ته واقعو پيش آيو.