سوڀوديرو: نوجوان جو انب جي وڻ ۾ ڦاھو کاڌل لاش هٿ، قتل جو شڪ

0
337

سوڀوديرو(ن پ ا) سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسين بخش چنڊي ۾ نوجوان جنسار ولد غلام شبير چنڊي جو انب جي وڻ ۾ ڦاھو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، ڳوٺاڻن لاش جي سڃاڻپ ڪري وارثن کي اطلاع ڏنو، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو، سوڀوديرو پوليس جاءِ واردات تي پھچي معائنو ڪيو، ان موقعي تي وارثن ۾ ڊاڪٽر عبدالستار ۽ سندس پيءُ غلام شبير چنڊي قتل جو خدشو ڏيکاريندي چيو ته لاش جھڙي طرح وڻ ۾ ٽنگيل آھي ان مان خودڪشي ظاهر نٿي ٿئي، نوجوان کي ڪنھن ٻئي جاءِ تي قتل ڪري پوءِ خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو آھي، هنن وڌيڪ چيو ته قاتلن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ کوجي ڪتا گهرائي پيرا کنيا پيا وڃن. پوليس پاران لاش جا سيمپل وٺي ضروري ڪاروائي ڪري بعد ۾ لاش انب جي وڻ مان لاهي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ۾ منتقل ڪيو، ٻئي طرف جاءِ واردات تي موجود ڊي ايس پي سوڀوديرو بشير احمد شر ۽ ايس اڇ او سوڀوديرو سڪندر سومرو ميڊيا کي موقف ڏيڻ صاف انڪار ڪري ڇڏيو.