حيدرآباد: ناري کي اغوا ۽ زبردستي شادي ڪرائڻ جو ڪيس، 3 ڄڻن جي ضمانت منظور

0
450
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ناري کي مبينا طور اغوا ڪري ساڻس زبردستي شادي ڪرائڻ واري ڪيس مان 3 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ گرفتار جوابدار وسيم ڀٽي,امجد ڀٽي ۽ ذوالقرنين ڀٽي ضمانت لاءِ وڪيل معرفت درخواستون داخل ڪرايون هيون،8 مئي 2021ع تي ناري مهڪ جوڻيجو والدين سان گڏجي سخي پير ٿاڻي پهچي وسيم ڀٽي ۽ ٻين خلاف مبينا اغوا ۽ زبردستي شادي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ناري مهڪ کي ڪنهن اغوا نه ڪيو هن پنهنجي والده جي رضامندي کانپوءِ وسيم ڀٽي سان شادي ڪئي، جوابدارن جي وڪيل جي عدالت کي آگاهي، شادي وارو نڪاح نامو ۽ سمورا ثبوت به موجود آهن هفتي بعد مائٽن جي چوڻ تي ٿاڻي پهچي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ناري سان شادي ڪندڙ گرفتار جوابدار وسيم ڀٽي,امجد ڀٽي جي هڪ هڪ لک رپين عيوض جڏهن ته جوابدار ذوالقرنين ڀٽي جي 30 رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.