ڪراچي: صحت کاتي ۾ ملازمت ڪندڙ چڍڙ برادري جي ماڻهن جي ترقين ۽ ڀرتين واري معاملي جي جاچ شروع

0
498

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي جي اختيارين ڊي ايڇ او گهوٽڪي ۾ ملازمت ڪندڙ چڍڙ برادري جي ماڻهن جي ترقين ۽ ڀرتين واري معاملي جي کاتيوار جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڪيئي سالن کان گهوٽڪي جي صحت کاتي ۾ هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ چڍڙ برادري جي ماڻهن جي ٿيل ڀرتين، ورتل ترقين ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان سيڪريٽري صحت جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، ڊي ايڇ او سکر جميل مهر جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ڪاميٽي جاچ ڪندي، صحت کاتي جو ٽيڪنيڪل آفيسر سڪندر ميمڻ ۽ ڊپٽي سيڪريٽري رياض جکراڻي ڪاميٽي ۾ شامل آهي، ڪاميٽي کي معاملي جي جاچ ڪري 10 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، سيڪريٽري صحت جاچ ڪاميٽي کي هدايت ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪئي وڃي تگه چڍڙ برادري جا ماڻهو ڪيئب ڀرتي ٿيا. قانوني گهرجون پوريون ٿيل آھن يا نه ؟ .