مڙس سان ٻه ٽي ڀيرا مليس ۽ شادي ٿي وئي: حريم شاهه

0
715
ڀلي منهنجي خلاف جاچ

ڪراچي (م.ڊ) ٽڪ تاڪر حريم شاهه پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته مڙس کي ٽن چئن مهينن کان سڃاڻان ٿي، ان دوران اسان جي دوستي يا تعلق نه ٿيو، مڙس سان ٻه ٽي ڀيرا مليس ۽ اسان جي شادي ٿي وئي. حريم شاهه ٻڌايو ته مڙس جڏهن شادي جي آڇ ڪئي ته مون ڪجهه ڏينهن جو وقت ورتو، ڪجهه ماڻهن سان مشورو ڪيو ۽ منهنجي دل مان آواز آيو “ها“ ۽ مون شادي ڪري ڇڏي. مڙس جو نالو ٻڌائڻ کانسواءِ حريم شاهه چيو ته منهنجي مڙس جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن مونکي ڪي به خواب نه ڏيکاريا، هن مونکي پهرين شادي، زال ۽ ٻارن بابت سڀ ڪجهه سچ ٻڌايو. هن چيو ته شادي ۾ منهنجي والدين شرڪت نه ڪئي. جلد ئي مڙس سان گڏ ترڪي وڃي رهي آهيان، جتان جلد واپسي ٿيندي.