سونم ڪپور جو مڙس شوٽنگ لاءِ لاهور پهچي ويو

0
299

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي ناليواري اداڪارا سونم ڪپور جي مڙس ۽ ناليواري فيشن ڊزائنر آنند آهوجا پاڪستان جي شهر لاهور ۾ شوٽنگ ڪرڻ آيو.تازو ئي آنند آهوجا طرفان پنهنجي ڪپڙن جي برانڊ ”ڀاني“ جو شوٽ لاهور جي علائقي علامه اقبال ٽائون جي روڊن تي ڪيو ويو.

فوٽو شوٽ جون تصويرون ڀاني جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيون ويون جنهن کانپوءِ اهي سوشل ميڊيا جي ايپز تي وائرل ٿي ويون.

آنند آهوجا جي فيشن برانڊ جي لاءِ پاڪستاني ماڊلز جي چونڊ ڪئي وئي، فيشن برانڊ طرفان ٻڌايو ويو ته انهن لاهور جي علائقي علامه اقبال ٽائون ۾ پنهنجا فوٽو شوٽ ڪيا ۽ شهر جي خوبصورتي انهن کي گهڻو متاثر ڪيو.

واضح رهي ته آنند آهوجا جو برانڊ ڀاني عورتن ۽ مردن جي لاءِ اولهه طرف جي لباس جو هڪ برانڊ آهي.