هانيا عامر ۽ محسن عباس جو ”ريپ سانگ“ وائرل

0
317

ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا هانيا عامر ۽ اداڪار ۽ گلوڪار محسن عباس حيدر جي گڏجي ڳايل هڪ گيت جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

هانيا عامر ۽ محسن عباس جي ان وڊيو ۾ فهد مصطفيٰ ۽ جاويد شيخ به نظر اچي رهيا آهن.ٻاهرين ملڪ ۾ موجود هانيا عامر ۽ محسن عباس حيدر هڪ گهٽي ۾ ريپ سانگ ڳائيندي نظر اچي رهيا آهن.ان ريپ سانگ ۾ هانيا عامر، فهد مصطفيٰ ۽ جاويد شيخ جي فلم جي پروموشن لاءِ ڪيل ساراهه به ٻڌي سگهجي ٿي.واضح رهي ته هانيا عامر ۽ محسن عباس اها وڊيو فلم”نامعلوم افراد“ جي پروموشن دوران ٺاهي هئي.