آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 20 آڪٽوبر تائين محفوظ

0
244

ممبئي(شوبز نيوز)باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي جج فيصلو 20 آڪٽوبر تائين محفوظ ڪري ورتو..ممبئي ۾ آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻنهي پاسن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جج وي وي پاٽل فيصلو محفوظ ڪري ورتو.هن چيو ته آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 20 آڪٽوبر تي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندس، ان وقت تائين هو جيل ۾ ئي رهندو.

ان کان اڳ آريان خان جي وڪيل اميت ڊيسائي دليل ڏيندي چيو ته واٽس ايپ گفتگو ايڪسٽرا جوڊيشل آهي، اهو تمام ڪمزور ثبوت آهي.هن چيو ته ان ڪيس ۾ عدالت جي لاءِ دستيابي جي شرط تي ضمانت ڏيڻ هڪ مناسب قدم هوندو، اهڙي نوعيت جي معاملي ۾ ڪنهن به ڇوڪري کان آزادي کسي نٿي سگهجي. هن چيو ته اسان آزادي نه پر ضمانت جي مرحلي ۾ آهيون ۽ آريان خان جو ڪو به اڳ ۾ ڏوهاري رڪارڊ ناهي.اميت ڊيسائي ٻڌڻي دوران عالمي منشيات فروشي وارو الزام ڪُڌو قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو ڇوڪرو ائين ڪري سگهي ٿو؟ اهي چون ٿا اسان پرڏيهي وزارت سان رابطي ۾ آهيون، سٺي ڳالهه آهي، توهان ان کي به جاري رکو، پر اهو الزام پنهنجي بنياد ۾ هڪ ڪُڌو ۽ ڪوڙو آهي.