سوال/سروي وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا: وفاق ۽ سنڌ سرڪار هڪٻئي تي الزامن ۾ مصروف، غريب ماڻهو مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي: عوام

0
314
سوال/سروي وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا: وفاق ۽ سنڌ سرڪار هڪٻئي تي الزامن ۾ مصروف، غريب ماڻهو مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار کي مھانگائي جو ذميوار قرار ڏيندي سنڌ ۾ 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري جي جاچ ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي، وفاقي حڪومت جي ترجمان فواد چوڌري ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته مراد شاھ مامرا ٺيڪ ڪريو نه ته ڪارروائي ڪنداسين، پوءِ دانھون ستين آسمان تي پھچنديون، اوھان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي،

سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت هڪٻئي تي الزام هڻي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن، وفاق ۽ صوبائي حڪومتون جي گڏجي نيڪ نيتي سان ڪم ڪن ته ڪنهن به شي جي نه کوٽ ٿئي نه قيمتون ڪنٽرول کان ٻاهر وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته مهانگائي سنڌ حڪومت ڪيئن ڪئي؟ تيل، گيس بجلي جا اگهه وڌيا ته ان جي ڪري مهانگائي وڌي، ڪڻڪ گم ٿي وئي جنهن جي جاچ ڪرڻ گهرجي، گل حسن شر لکيو ته سڄي ملڪ ۾ مھانگائي جي ذميواري سنڌ مٿان وجھڻ بدديانتي آھي، اھا ڳالھه ڪنھن حد تائين صحيح به آھي سنڌ ۾ واپارين مھانگائي جو جواز ڄاڻائي بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي جنھن جا ھنن ٻه فائدا کنيا ھڪ عمران سرڪار جي بدنامي ٿي ٻيو زخيرا اندوزي ڪري اربين روپيا ڪمايا ويا،

عبدالغفور سروهي لکيو ته وفاقي سرڪار جي سنڌ حڪومت بابت موقف سان سئو سيڪڙو اتفاق ڪجي ٿو، پڇاڻو وقت جي اهم ضرورت آهي. طارق حسين راڄپر لکيو ته وفاقي حڪومت هجي توڙي سنڌ سرڪار ٻئي هڪٻئي کان گهٽ ناهن بس عوام جو الله ئي واهي آهي، عابد حسين لغاري لکيو ته وفاقي حڪومت کان ڪم پڄي ڪو نه، مڙئي پئي ٿي هوائي خبرون ڪري، سڪندر علي لکيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ ڪوئا کائي ٿا وڃن کنڊ گودام کايو وڃن سنڌ حڪومت جي نا اهلي جي ڪري سڀ شيون مهانگايو ٿيون آهن، ڪير پڇڻ وارو ڪير ڪونهي، محمد پريل گهوٽو لکيو ته عوام کي منجھايو پيو وڃي ٻيو ڪجھه ناھي هڪٻئي تي الزام پيا ھڻن وفاقي سطح تي واقعي مھانگائي ڪنٽرول نه ڪئي پئي وڃي پر سنڌ ۾ به ظلم آھي، جنيد زرين جمالي لکيو ته عوام کي وفاقي سرڪار به سک ڪونه ڏنا، ته وري سنڌسرڪار به گهٽ ڪونه ڪئي، بس عوام کي مهانگائي جي گهاڻي ۾پيسيو  ٿو وڃي،

ٻلونت سنگهه سوڍو لکيو ته بجلي جو يونٽ ڪٿي وڃي پهتو آهي گئس مهانگائي جو ذميوار ڪير آهي پيٽرول به سنڌ حڪومت مهانگو ڪيو آهي؟ عبدالوحيد چنا لکيو ته وفاق پنھنجي جڳھه تي پر سنڌ حڪومت به سنڌ جي عوام سان گھٽ ناھي ڪئي، امير علي چنا لکيو ته منهنجي خيال مطابق اهو وفاق جو ڊرامو آهي، مهانگائي وفاق ڪري ذميوار مراد علي شاهه؟ شنڪر باغي لکيو ته ٻئي هڪٻئي تي الزام ٿا هڻن، وزير علي پنهور لکيو ته وفاقي حڪومت جون اھڙيون ڌمڪيون سنڌ حڪومت ھڪڙي ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندي  باقي16لک ٽن ڪڻڪ ڪيڏانھن گم ٿي وئي؟ بجار خان جعفري لکيو ته وفاقي حڪومت ھجي يا سنڌ حڪومت ٻئي ھڪٻئي کان گھٽ ڪونه آھن بس غريب عوام جو رت چوسيو وڃي ٿو، پرويز علي لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت مان غريب عوام کي ڪوبه رليف نٿو ڏنو وڃي، پرويز علي لکيو ته سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪري غريبن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي مھانگائي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آھي، رضا هالو لکيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق سنڌ صوبي ۾ ڪا مداخلت نه ٿو ڪري سگهي،

مسرور شر لکيو ته وڙھن سان لتاڙجن ٻوڙا، علي دوست لکيو ته وفاق سچ پيو چوي سنڌ حڪومت ذميوارآهي، خاموش خليل شر لکيو ته سڀ ڪم وفاق پاڻ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪري ڇڏي آھي ڏوھ وري سنڌ حڪومت جو؟ عام واهپي واريون شيون سنڌ سرڪار ڪيئن مهانگيون ڪيون آهن؟ پيٽرول، گيس بجلي سنڌ سرڪار ڪيئن مهانگي ڪئي آهي؟ علي مراد چانگ لکيو ته وفاق کان پاڻ کان ڪجهه نٿو ٿئي وري الزام ٿا هڻن، بشير ميراڻي لکيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي گريبان ۾ ڏسي پوءِ سنڌ حڪومت تي ڳالهائي.ممتاز سميجو لکيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتون جي گڏجي نيڪ نيتي سان ڪم ڪن ته ڪنهن به شي جي نه کوٽ ٿئي نه قيمتون ڪنٽرول کان ٻاهر وڃن، محمد جمن جت لکيو ته رگو پيپلزپارٽي جي حڪومت تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، مير ٻجورو لکيو ته بلڪل صحيح،

علي بخش شر لکيو ته سنڌ حڪومت عوام دشمن آهي، منظور زرداري لکيو ته مھانگائي جو ذميوار سنڌ حڪومت نه وفاقي حڪومت پاڻ آھي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته وفاق ھجي يا وري سنڌ حڪت ٻنهي عوام سان ظلم ڪيو آهي، دلشاد پروانا لکيو ته هلي پاڻ نٿا سگهن، آصف علي راڄپر لکيو ته نااهل وفاقي سرڪار پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي الزام هڻي رهي آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته مھانگائي جي ذميوار سنڌ حڪومت نه وفاقي حڪومت پاڻ آھي موجوده وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ اندر مھانگائي وڌي آھي، علي گل چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، جاويد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ مهانگائي جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ سرڪار هڪٻئي تي الزام هڻي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن،

منظور علي پنهور لکيو ته ٻئي حڪومت هڪجهڙيون آهن عوام سورن ۾ آهي، ساحل ڪمار لکيو ته چار صوبا آھن پر سڀني جي اک ۾ سنڌ؟ آخر ڇو؟ عبدالرحمان چانگ لکيو ته وفاقي حڪومت جي اجائي للڪار آهي باقي ڪڻڪ چوري پوري سنڌ مان ٿي آهي، علينز به راءِ ڏني، نورمحمد چن لکيو ته وفاقي حڪومت صحيح آهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ خراب ٿي پئي گودام ڀهريان پيا آهن غريب عوام اٽي لاءِ پريشان آهي، حبدار علي وارث لکيو ته غريب عوام سان مشڪريون بند ڪيون وڃن، سڪندر علي مهر لکيو ته عمران خان ۽ سندس صلاحڪار ڪوڙا آهن، ارشاد علي لکيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت ۾ سياسي جهيڙو آهي عوام ٻنهي مان بيزار ٿي چڪو آهي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته مهانگائي وفاق سرڪار جي ڏنل آهي، نياز ڪلوئي لکيو ته رڳو سياسي بيان آهن ذميوار وفاقي حڪومت آهي، حاجي خان پنهور، دلدار خاصخيلي، ابوبڪر جوڻيجو، عبدالله ميراڻي، نياز سومرو، محمد ابراهيم، محمد ايوب چانڊيو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.