اشو آف دي ڊي زندگي بچائيندڙ کان زندگي کسي ويا: نوشين سان انصاف ڪيو وڃي

0
189
اشو آف دي ڊي زندگي بچائيندڙ کان زندگي کسي ويا: نوشين سان انصاف ڪيو وڃي

چانڊڪا ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان شاگردياڻي نوشين جو لاش ملڻ واري واقعي تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل طاهر ڪيو ويو، جسٽس فار نوشين ڪاظمي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو ته واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن کي سزا ڏني وڃي، ان سلسلي ۾ سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نائلا رند به خودڪشي ڪئي، نمرتا به خودڪشي ڪئي، نوشين به خودڪشي ڪئي ڀلا يونيورسٽي جو وي سي، پروفيسرز، وارڊن، سيڪيورٽي گارڊ خودڪشي ڇو ڪو نه ٿو ڪري؟ رڳو شاگردياڻيون ڇو؟ جنهن تي سرمد راڄپر لکيو ته ڪا مافيا لڳي ٿي جيڪا اهو ڪم ڪرائي ٿي،

گلزار جوڻيجو لکيو ته ڀلا ڪو شاگرد خودڪشي ڇو نه پيو ڪري صرف شاگردياڻيون ئي ڇو؟ طارق ميتلو لکيو ته خودڪشي ٿي آهي ته پوءِ پير ڇو ٽيبل تي پيا آهن؟ بختاور ڄام لکيو ته جذباتي عمر ۾ ناهن ميچوئر آهن، ضمير حاجاڻو لکيو ته وي سي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، زيب سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خودڪشي پاڻ هڪ قتل آهي، ان پٺيان هڪ قاتل لڪيل هوندو آهي  جيڪو روز ذهني نفسياتي جسماني قتل ڪرڻ تي مجبور ڪندو رهندو آهي، نوشين مري ناهي ماري وئي آهي، شبير چانڊيو اهڙي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زندگي بچائيندڙ کان زندگي کسي ويا، نوشين سان انصاف ڪيو وڃي سندس قاتلن کي چانڊڪا چوڪ تي ٽنگي ڇڏيو جيئن اھڙن واقعن جي ڪنھن کي جرئت نه ٿئي.

حسين  بخش ناريجو لکيو ته ڪي چون ته ٻارن کي ڪاليج اسڪول ڪورو ڪاغذ ۽ ڪوري ٿانو جيان خالي مغز پڙھڻ لاءِ موڪلجي ؟ ڪي چون ٿا ته نه ٻار جي عمر مطابق علم سان سنواري موڪلجي، جيئن ڪو طوفان ڄامشوري جي گرم سرد ھوا لوڏي نه سگھي، نعيم اختر، نور سهتو، شاهنواز سيال، عبدالستار ابوپوٽو،  عدنان تنيو، زيب کوسو، دلشاد ڀٽو، رئوف لالا، دانش خاصخيلي، افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انصاف جي گهر ڪئي، غلام شبير لکيو ته نياڻي سان انصاف لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميا کي شامل تفتيش ڪيو وڃي اعليٰ ادارن کان تحقيقات ڪرائي نياڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

جاويد سولنگي لکيو ته وي سي کي گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، حبيب راڄپر لکيو ته سنڌ روز نوان مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن، منظور سولنگي لکيو ته سنڌ جون نياڻيون ننڌڻڪيون مرن پيون،  ماهين الطاف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نائلا، پوءِ نمرتا ۽ اڄ نوشين، جنهن تي جنيد انصاري لکيو ته بلڪل نائلا جي خون سان انصاف ٿئي ها ته نمرتا جان نه وڃائي ها، ۽ نه ئي هاڻي نوشين جو لاش کڻڻو پوي ها.سنڌو ستار لکيو ته افسوس نمرتا کانپوءِ وري نوشين، مسافر هاليپوٽو لکيو ته اوهين مڃيو يا نه مڃيو پر حقيقت اها آھي ته اسان جي تعليمي ادارن مان نياڻين جا ملندڙ لاش سوچيل سمجھيل سازش آھي انهن ڪيسن کي خودڪشين جي شڪل ڏيئي اسان جا ڪيس ٻوڙي اسان کي اسان جي ڌرتيءَ تي بيوقوف ۽ بيوس بڻايو پيو وڃي پر الميو اهو آھي ته اسان جي هر دانهن هر ڪُوڪ کي دٻايو پيو وڃي اسان وٽ انصاف جي اکين تي پٽي ٻڌي بلڪل انڌو ۽ اپاهج بڻايو ويو آھي پر آخر هي سڀ ڪيستائين برداشت ڪيو ويندو،

زاهد راڄپر، مير مرڪ، آفتاب خاصخيلي، واحد لاشاري، حميده الطاف ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انصاف جي گهر ڪئي. مظفر شيخ لکيو ته اسين ڪيترن قتلن کي خودڪشي جو رنگ ڏيندا رھنداسين؟! خودڪشي ڪندڙ نياڻيءَ جا پير ٽيبل تي پيل آهن! هي خودڪشي آهي يا لاش کي لڙڪايو ويو آهي!؟ علي اصغر لکيو ته آخر چانڊڪا لاڙڪاڻي ۾ اھو ڇا آھي جتي سھڻا سپنا کڻي ايندڙ شاگردياڻين جا خواب ٽٽي ٿا پون؟ آخر ڪجھه ته آھي اتي ڪنهن جي ته سازش آهي، رزاق عاصي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. برما جيسراڻي لکيو ته ڊاڪٽر نوشين جي بي رحماڻي قتل جي جاچ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جهڙي اداري مان ڪرائي وڃي باقي نه ته معصوم نمرتا جو خون ته لڙهي ويو،

امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي ڪھڙي قسم جا مطالبا آھن ته ڪاليج بند ڪري ڇڏجن ھاسٽل بند ڪري ڇڏجن، وومنز ايڪشن فورم پاران چانڊڪا ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين جي موت جي اڻڌري، شفاف جاچ جو مطالبو ڪجي ٿو. اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جو موت دم گهٽجڻ سبب ٿيو، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾اهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي،  ٽوئيٽر تي هلايل ٽرينڊ ۾ ڊاڪٽر نازيه ميمڻ، سعيد سانگري، سرتاج سنڌي، عرفان علي، ڪاشف وسطڙو، ڊاڪٽر اميتاب سنڌي، سنڌو نواز گهانگهرو، حليمه سومرو، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، مصري مسڪين، مهدي حسن سنڌي، اختر علي، عبدالعليم، عرفان گوپانگ، ذوالفقار شيخ، ڊاڪٽر شعيب مگسي، مبشر زيدي، ساحل سنڌي، انعم ٽالپر، راڻو خان چارو، فريد رند، استاد راهي سومرو، سميرا سميجو ۽ ٻين حصو ورتو جن نوشين واري واقعي جي جاچ سميت انصاف جو مطالبو ڪيو.