سوال/سروي … رمضان پيڪيج جو غريبن کي ڪو فائدو نه ٿيندو، عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽايا وڃن: عوام

0
93

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران غريب ماڻهن لاءِ 22 ڏهائي 5 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، رمضان دوران حڪومت کي ڪھڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ سنڌ حڪومت جي رمضان پيڪيج جي اعلان کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته رمضان پيڪيج جو عوام کي فائدو نه ٿيندو، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري رليف ڏنو وڃي، عام واهپي وارين شين جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، خاص طور بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ رمضان مهيني ۾ ختم ڪئي وڃي، مارڪيٽ ۾ ريٽ لسٽون لڳائي ان تي عمل ڪرايو وڃي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته خيرات ڏيڻ کان بهتر آهي ته ڪارخانا لڳائي روزگار ڏنو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فضل محمد لکيو ته جيئن برسات متاثرن کي راشن مليو هو ائين ئي رمضان پيڪيج ملندو، گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ ۾ دڪاندارن کان وٺي سبزي فروشن ھاڻي کان ئي ڪات تکو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ڪجھه ڏينھن پھريان ٽماٽو جيڪو پنجاھه سٺ رپيا ۾ مليو پئي اھو ڏيڍ سئو ٿي ويو، پٽاٽو پنجاھه کان سڌو 100 تي ھليو ويو حڪومت پابند ڪري دڪاندارن کي ته پرائيس لسٽ ضرور لڳائن، سمجھه ۾نه ٿو اچي ته حڪومت رمضان پيڪيج جو ھرسال ڇو اعلان ڪندي آھي جڏھن ته رمضان مھينو ايندي ئي شين جا ريٽ آسمان ڇھڻ لڳندا آهن ان پيڪيج مان عوام کي ڪو به فائدو نه پوندو آھي ان جو فائدو ذخيرا اندوز کڻندا آھن، حڪومت کي ائين ذخيرا اندوز مافيا کي ڇوٽ نه ڏيڻ گھرجي وڌيڪ ريٽ وٺندڙ بليڪ مارڪيٽنگ ڪرڻ وارن تي معمولي ڏنڊ نه ڳرا ڏنڊ وڌا وڃن، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته رمضان شريف ۾ سنڌ حڪومت کي هي ڪم لازمي ڪرڻ گھرجي، 1 بجلي 24 ڪلاڪ بغير لوڊشيڊنگ جي ڏني وڃي، 2 سنڌ جي پٺتي پيل ضلعن جي غريب کي عوام کي رمضان جي ٽن عشرن ۾ في فرد 10000 ھزارن جو راشن ڏنو وڃي، 3 سنڌ جي سموري عوام کي جنھن جي ماھوار آمدني 50000 کان گھٽ آهي انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي، ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ گھرجن. فياض احمد مهر لکيو ته راشن نه کپي، بجلي ۽ گيس جا بل گهٽايو، ماڻهو پاڻ راشن خريد ڪندا، خيرات نه، زندگي جون ضروري شيون سستيون ڪيو، عبدالجبار لوڊو لکيو ته سنڌ حڪومت رڳو ڏيکاءَ لاءِ وڏا اعلان ڪري ٿي پر مقامي سطح تي عمل ٽڪو به نٿو ٿي ھاڻ جڏھن رليف پڪيج ڏنو ويو ته وري يوٽيلٽي اسٽور تي سامان جي کوٽ ٿي ويندي اھم ضروري شيون اڻلڀ ھونديون، مطلب ته ھتي مسئلا ئي مسئلا آھن ھڪ مافيا تي ضابطو آڻجي ته وري ٻي مافيا سرگرم هوندي آهي، سنڌ حڪومت کي ھاڻ عملي ڪم ڪرڻا پوندا، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت کي وڌ کان وڌ محنت ڪرڻي پوندي جنهن م شفافيت ضروري آھي شفافيت لاءِ وڏيرڪي شاهي ۽ سرداري نظام جو خاتمو ضروري آھي. آصف علي لکيو ته ڪجهه ڪونه ملندو ٻوڏ متاثرن کي نه گهر مليا نه ڀاڻ صرف ڪامورا نوازجن ٿا صرف انصاف کپي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، جهالت کي ختم ڪري تعليم شهري توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ عام ڪئي وڃي، صدام سومرو لکيو ته رمضان پيڪيج ۾ ڪجهه ھزارن جي خيرات کان بھتر آهي ته عوام کي سستي اگھه تي کائڻ پيئڻ جون شيون ڏنيون وڃن، ٻيو ته خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪي منافعي خور رمضان جي مھيني ۾ ھٿرادو منھگائي ڪن ٿا تنهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ وڌيڪ اگھه وٺندڙن خلاف سخت ڪاروايون عمل ۾ آنديون وڃن. وشال رٻاري لکيو ته غريبن لاءِ پڪيج ڪم جو ناهي غريبن کي رمضان رليف جو اعلان ۽ حڪومت جي خزاني مان اشتهار لڳڻ کانسواءِ ڪل خير غريبن کي ڪوبه فائدو ناهي، دليپ ڪمار لکيو ته رمضان پيڪيج ۾ غريب عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو ھي ڪوڙا وعدا آھن. صفيان بلوچ لکيو ته اھي اعلان وارا پيسا به ايم پي اي، ايم اين اي کائي ويندا، محمد سليم لکيو ته عوام جا اهنج اهڙن اعلانن سان نه گهٽبا، باقي جتي هن حڪومت جي ڳالھه آهي هن 15سالن ۾ ڪا تبديلي نه آندي سو عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، اصغر حسين لکيو ته رمضان پيڪيج ۾ غريب عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو ھي ڪوڙا وعدا آھن. راحب علي گهنڃو لکيو ته اهي پئسا ڪجھه ماڻهن کي ملندا باقي کائي ويندا، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته وزير اعليٰ سنڌ جا رڳو اعلان ايمانداريءَ سان عوام کي مليا، باقي پڪيج ڏيڻ ھن جي وس جي ڳالهه ناھي هن جيڪو اعلان ڪيو آهي ان ۾ عوام کي رليف نه ملندو وري به وزير پاڻ ئي فائدو کڻندا، علي مراد لاشاري لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته رمضان پيڪيج ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي ۽ عوام کي ڀلاري مهيني ۾ رليف فراهم ڪري، صديق احمد سهندڙو لکيو ته رمضان ۾ حڪومت پاران پيڪيج ته جاري ڪيا ويندا آهن پر انهن تي هيٺ ويٺل مافيا عمل ڪرائڻ نه ڏيندي آهي هر عام دڪاندار ريڙهي وارو هر هڪ واپاري رمضان ۾ ريٽ ڊبل ڪري ويهي رهن ٿا، حڪومت کي گهرجي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪري، نقاش پيرزادو لکيو ته ھي رمضان پيڪيج نه مال پيڪيج آهي حڪومت لاءِ، ياد رھي ھر سال رمضان پيڪيج ايندو آھي ليڪن عوام لاءِ نه حڪمرانن ۽ سرمائيدارن لاءِ، عوام کي ساڳيو سامان باراز ۾ مھانگو ملندو آھي، ريٽ لسٽ تي عمل ڪونه ٿيندو آھي، خميسو آريسر لکيو ته اگر غريبن جي ايتري همدردي آهي ان کي پئسن جي جاءِ تي ڪا فيڪٽري لڳائن ته بهتر آهي، پنڻ کان روزگار بهتر آهي، محمد حسين لکيو ته ڏسجو ته علان ته وڏا ٿيندا پر هڪ به غريب کي فائدو نه ملندو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته پيڪيج ته غريبن جي لاءِ کوڙ سارا هوندا آهن پر کائي آفيسر ۽ حڪمران ويندا آهن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته وزيراعليٰ ايمانداري سان رڳو اعلان ڪيو آهي باقي عمل نه ٿيندو، عوام کي رليف نه ملندو حڪمرانن کي ئي فائدو ٿيندو، امتياز جمالي لکيو ته جنهن شيءِ تي پيڪيج هوندو اها شيءِ مارڪيٽ مان غائب ٿي ويندي، احسان علي لغاري لکيو ته اڳئين رمضان ڪريم ۾ ھنن ڪھڙا رليف ڏنا جو ھنن رمضان ۾ رليف ڏيندا باقي ھنن جا اعلان ھر روز ٿيندا رھندا آھن عمل اصل ڪونه ٿيندو آهي، در محمد لکيو ته پنهنجو پيٽ ڀريندا عوام کي ڪجهه نه ملندو، علي حيدر لکيو ته رمضان پيڪيج ڏئي هر شيءِ جو اگهه ڊبل ڪري ڇڏيندا، بختاور منگي لکيو ته سٺي خبر آهي، ابوصفيان لکيو ته اعلان ته وڏا ٿيندا پر هڪ به غريب کي رليف ڪونه ملندو، علي عباس جمالي لکيو ته ان پيڪيج کي حوال پروگرام پيڪيج چئي سگهجي ٿو. مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته رمضان پيڪج جا رڳو خالي اعلان آهن انهي تي عمل ڪرائڻ عملدارن ۽ اعلان ڪندڙن چونڊيل نمائندن جي وس کان ٻاهر آهن. جي آر چانڊيو لکيو ته صرف ٽوپي ڊرامو آھي ھي پئٔسا پاڻ ھڙپ ڪري ويندا بس رڳو رمضان مھينو شروع ٿي مھنگائي عروج تي ٿي ويندي غريب ماڻهن جي مجبوري مان فائدو ورتو ويندو ضلعي انتظاميا نه اڳ عمل ڪرايو آھي نه ھاڻي عمل ڪرائيندا ڊي سي سانگھڙ ۽ اي سي سانگھڙ پنهنجي سرڪاري بنگلن تائين محدود آھن رليف ته پري جي ڳالهه ھاڻي منافعي خور مجبوري جو فائدو وٺي غريب ماڻهن جي کل لاھيندا شھر ۾ سرڪاري ريٽ تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪا به سرڪاري لسٽ جاري ناھي ٿي، معشوق علي لغاري لکيو ته عوام کي ڪو فائدو نه اڳ ٿيو آهي ۽ نه هاڻ ٿيندو ماڻهو مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن، حاجي هاشم لکيو ته عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، غلام رسول چيلهار لکيو ته مطلب ته وري به پنڻ، روزگار لاءِ نٿا سوچن، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، مير منصور علي لکيو ته پاڻ کائي ويندا آهن، بشير احمد سولنگي لکيو ته سنڌ حڪومت جا وزير مشير ان مهيني ۾ ئي اليڪشن جو خرچ رڪور ڪندا، حافظ راڄپر لکيو ته رمضان پيڪج جا رڳو خالي اعلان آهن انهي تي عمل ڪرائڻ عملدارن ۽ اعلان ڪندڙن چونڊيل نمائندن جي وس کان ٻاهر آهن. مراد علي لکيو ته سنڌ سرڪار پاران غريب ماڻهن لاءِ رمضان پيڪج جو اعلان اڌورو آهي اھي پيسا به انهن ماڻهن کي ملندا جيڪي پاڻ کي بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽريشن ڪرائيندا جيسيتائين ماڻهو پاڻ کي رجسٽريشن ڪرائيندا تيسيتائين رمضان پيڪج به ختم ٿي ويندو، فتح محمد لکيو ته عوام کي ڪو به فائدو نه پھچندو، عبدالرزاق چاچڙ لکيو ته اليڪشن جو خرچ ڪڍڻ جو طريقو آهي، اختر حسين لکيو ته گھر گھر پاڻ وڃي راشن پڄائن جيئن ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ گهر گهر ۽ در در  تي ويندا آهن، اسد زرداري لکيو ته سنڌ سرڪار پاران رمضان پيڪج جو اعلان اجايو آھي ڇو ته غريب عوام سدائين مھانگائي کي منھن ڏنو آھي خاص ڪري رمضان مھينو شروع ٿيندي ئي مھانگائي وڌي وڃي ٿي دڪاندار پنھنجا من پسند اگھه مقرر ڪري ٿا ڇڏن رمضان مھيني ۾ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته عام واھپي جي شين جا اگھه گھٽ ڪري عوام کي رليف مھيا ڪري، عبدالمنان جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، عاشق حسين رند لکيو ته سنڌ سرڪار کي ٻيو ڪوبه قدم کڻڻ نه کپي صرف کاڌي پيتي جي شين ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، روشن علي لکيو ته ماڻهو قطار ۾ ڌڪا کائيندا فائدو نه ٿيندو، صدام آريسر لکيو ته رمضان پيڪج جا رڳو خالي اعلان آهن انهي تي عمل ڪرائڻ عملدارن ۽ اعلان ڪندڙن چونڊيل نمائندن جي وس کان ٻاهر آهن. زبير احمد لکيو ته 45 ارب جو راشن ورهائڻ کان بهتر آهي ته 45 ارب جا ڪارخانا لڳايا وڃن ته جيئن قوم محنتي ٿئي نڪي فقير ٿئي.