پيپلز پارٽي آصف زرداري کي ٻيهر صدر بڻائي ڏيکاريندي!

 

بلاول ڀٽو ۽ ان جي پارٽي ن ليگ سان باقاعدا معاهدا ڪري وفاقي حڪومت ٺهرائي حقيقت ۾ پ پ جنهن ڏينهن پنهنجي حمايت واپس ورتي ته ان ڏينهن حڪومت جي اڪثريت ختم هجڻ سبب ڪري پوندي، ڇاڪاڻ ته ن ليگ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، استحڪام پارٽي وغيره جيڪي سڀ ملي به سادي اڪٽريت سان حڪومت نٿيون ٺاهي سگهن، حڪومت ٺاهڻ ۽ بجيٽ وغيره منظور ڪرائڻ لاءِ جيڪي پ پ جون محتاج آهن پر اهو سڀ ڪجهه پ پ مفت ۾ ناهي ڪيو ۽ ن ليگ سان حڪومتي پارٽنرشپ ڪئي آهي، ان لاءِ پ پ آصف زرداري جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ آتي آهي ته اهو هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان صدر ۾ اچي پهچي ۽ اتي ويهي مطلب ته پ پ ان کي صدر پاڪستان ٻيهر ڏسڻ جي خواهش رکي ٿي، جيڪو يقينن بڻجي ويندو، جنهن سلسلي ۾ صدارتي چونڊن لاءِ پ پ سياسي پارٽين سان رابطا تيز ڪيا آهن ۽ جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر آصف زرداري کي صدر پاڪستان بڻائڻ لاءِ متحرڪ آهي، جنهن لاءِ آصف زرداري جا نامزندگي ڪاغذ به منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پ پ قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو ڊپٽي اسپيڪر بڻائي ورتو آهي ۽ ٻن صوبن ۾ گورنر به يقينن ان جي پارٽي جا ايندا جڏهن ته بلوچستان ۾ پ پ مهارت سان پنهنجو وزيراعليٰ آڻي ڏيکاريو آهي، جي ن ليگ جي يو آءِ سان هٿ ملائي ها ته يقينن گڏجي اتي صوبائي حڪومت ٺاهي ويهن ها پر پ پ وفاق ۾ سهڪار جا جيڪي شرط رکيا ان ۾ هڪ شرط وزيراعليٰ بلوچستان انهن جو هجڻ به شامل هو، جيڪا ڳالهه پ پ لاءِ خوش جي آهي اهي سڀ فائدا پ پ کنيا آهن، گڏوگڏ هو چاهي ها ته وفاق ۾ ۽ پنجاب ۾ ڪابينا جو حصو بڻجي ها پر هن ان لاءِ خود کي نيوٽرل ثابت ڪري اپوزيشن ۾ هجڻ جو تاثر به ڏنو، وفاق ۾ وزارتون نه هجڻ باوجود پ پ جا اسيمبلي ميمبر جن کي وفاق مان فنڊن جي گهٽائي هوندي ته انهن جا ڪم رڪجي ويندا، ان لاءِ شهباز شريف پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ بار بار پ پ طرف ئي ڏسندو رهندو جي ڳالهه ڪجي سينيٽ ايوان جي ته سينيٽ ۾ 48 سيٽن تي 03 اپريل تي چونڊن جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊن لاءِ شيڊول پڌرو به ڪيو سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ 03 اپريل تي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ هوندي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان 11،11 سينيٽر چونڊبا پ پ جي اها ڪاميابي آهي ته ان جو صدر پاڪستان ۽ سينيٽ چيئرمين به ايندڙ ڏينهن ۾ اچي ويندو ۽ پنوعاقل سان تعلق رکندڙ سابق صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو به يقينن سينيٽر ٿي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو رهندو جنهن لاءِ اڳواٽ کيس مبارڪون هجن، بهرحال پ پ ن ليگ جي حڪومتي پارٽنر آهي جنهن جي سپورٽ سان وفاقي حڪومت هلندي رهندي ۽ اها پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ متحرڪ هوندي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

پاڪستاني شهري جي حيثيت سان اسان جا فرض!

 

پاڪستان جي شهرين جي حيثيت ۾ اسان کي ڪجهه ذميواريون سونپيل آهن جيڪي اسان جي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهن، انهن فرضن کي سمجهڻ ۽ ان کي پورو ڪرڻ سان نه رڳو سماج جي بهتري ۾ مدد ملندي آهي پر اسان جي جمهوري قوم جي تاڙين کي به مضبوط ٿيندي آهي، هن آرٽيڪل ۾ اسين پاڪستان جي هڪ شهري جي بنيادي فرضن جو جائزو وٺنداسين ۽ اهي اسان جي ملڪ جي ترقي لاءِ اهم ڇو آهن. آئين جي تعميل: پاڪستان جي آئين جي پاسداري هر شهري جي بنيادي فرضن مان هڪ آهي. آئين ملڪ جي اعليٰ قانون طور ڪم ڪري ٿو، گورننس، بنيادي حقن، ۽ طاقتن جي ورڇ جو فريم ورڪ ترتيب ڏئي ٿو. آئين جي احترام ۽ فرمانبرداري ڪندي، شهرين قانون جي حڪمراني ۽ انفرادي آزادين جي تحفظ کي يقيني بڻائين ٿا. 2) جمهوري عمل ۾ شموليت: جمهوري عملن ۾ فعال شموليت، جهڙوڪ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ، جمهوري سماج جي ڪارڪردگيءَ لاءِ ضروري آهي. ووٽ ڏيڻ جي حق کي استعمال ڪندي، شهرين سڌو سنئون پنهنجي نمائندن جي چونڊ ۽ پاليسين تي اثر انداز ڪن ٿا جيڪي قوم کي سنڀاليندا آهن. اضافي طور تي، تعميري سياسي گفتگو ۾ مشغول ٿيڻ ۽ چونڊيل آفيسرن کي جوابده رکڻ شفافيت ۽ احتساب جي ثقافت کي فروغ ڏئي ٿو. 3) شهري قدرن جو فروغ: شهرين جي ذميواري آهي ته اهي شهري قدرن کي فروغ ڏين جيئن رواداري، تنوع جو احترام ۽ ٻين لاءِ شفقت. انهن قدرن کي اپنائڻ سان، ماڻهو هڪ هم آهنگ ۽ جامع سماج ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا، جتي هر ڪو قدر ۽ احترام محسوس ڪري، ان جي پسمنظر يا عقيدن کان سواءِ.4) قانون جو احترام: سماجي نظم کي برقرار رکڻ ۽ سڀني لاءِ انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون جو احترام ۽ ان تي عمل ضروري آهي. شهرين کي لازمي طور تي قانون جي روح ۽ خط جي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي، غير قانوني سرگرمين يا رويي ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪن جيڪو ٻين جي خوشحالي کي نقصان پهچائي. اضافي طور تي، شهرين کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي برادرين ۾ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.5) سماج جي ترقي ۾ حصو وٺڻ: هر شهري کي سماج جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو آهي، چاهي پروفيشنل ڪم، ڪميونٽي سروس، يا انسان دوست ڪوششون. فعال طور تي پنهنجي برادرين جي بهتري ۾ مدد ڪندي، ماڻهو سماجي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ۽ ساٿي شهرين لاء زندگي جي مجموعي معيار کي وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.6) ماحولياتي ذميواري: ايندڙ نسلن لاءِ ماحول جو تحفظ ڪرڻ سڀني شهرين جي گڏيل ذميواري آهي. پائيدار طريقن کي اپنائڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ وکالت ڪندي، ماڻهو موسمي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ سڀني جاندار شين لاءِ هڪ صحتمند ڌرتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.نتيجو: آخرڪار، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شهريت جي فرضن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي. آئين جي پاسداري ڪندي، جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ، شهري قدرن کي فروغ ڏيڻ، قانون جو احترام ڪرڻ، سماج ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ماحول جي حفاظت ڪرڻ سان، شهري پنهنجي قوم جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صرف اجتماعي ڪوششن ۽ ذميوار شهريت ذريعي ئي اسان مستقبل جي نسلن لاءِ هڪ روشن ۽ وڌيڪ خوشحال پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا.

 

ارسلان جاويد شر/ٺري ميرواھ

 

سنڌو ماٿري جي تهذيب!

 

سنڌو ماٿري جي تهذيب هندستاني ننڍي ​​کنڊ جي قديم ترين ثقافت آهي، جنهن کي هاڻي ”شهري“ (يا وڏين ميونسپلٽيز تي مرڪز) سڏيو وڃي ٿو ۽ چئن قديم تهذيبن مان سڀ کان وڏي آهي، جنهن ۾ مصر، ميسوپوٽيميا ۽ چين پڻ شامل آهن. سنڌو نديءَ جي ماٿريءَ جي سماج کي برونز ايج کان وٺي تقريبن 3300-1300 ق م اهو اڄوڪي هندستان ۽ پاڪستان ۾ واقع هو ۽ هڪ ايراضيءَ تي پکڙيل هو جيترو مغربي يورپ هڙپا ۽ موهن جو دڙو سنڌو ماٿريءَ جا ٻه وڏا شهر هئا، جيڪي 2600 قبل مسيح ۾ سنڌو درياهه جي ماٿريءَ جي ڪناري سان پاڪستان جي سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ اڀري آيا. 19هين ۽ 20 صديءَ ۾ انهن جي دريافت ۽ کوٽائي، تهذيب جي ٽيڪنالاجي، فن، واپار، نقل و حمل، لکڻ ۽ مذهب جي حوالي سان اهم آثار قديمه واري ڊيٽا مهيا ڪئي. ٽيڪنالاجي سنڌو ماٿري جي ماڻهن، جنهن کي هڙپائي به چيو ويندو آهي (هڙپا علائقي جو پهريون شهر هو جيڪو آثار قديمه جي ماهرن کي مليو) ٽيڪنالاجي ۾ ڪيتريون ئي قابل ذڪر ترقيون حاصل ڪيون، جن ۾ انهن جي نظامن ۽ اوزارن ۾ وڏي درستگي شامل آهي، جنهن ۾ ڊگھائي ۽ ماس کي ماپڻ جا اوزار شامل آهن. هڙپائي انهن پهرين ماڻهن ۾ شامل هئا جن هڪ جهڙائي جي وزن ۽ ماپن جو هڪ نظام ٺاهيو جيڪو لاڳيتو پئماني تي مطابقت رکي ٿو، سڀ کان ننڍو ڀاڱو، لڳ ڀڳ 1.6 ملي ميٽر، ھٿيارن جي دوري جي ماپ تي نشان لڳايو ويو ھو، جيڪو لوٿل ۾ مليو، جيڪو جديد هندستاني رياست گجرات ۾ سنڌو ماٿريءَ جي ھڪ نمايان شھر آھي. اهو بيٺو آهي سڀ کان ننڍو ڊويزن آهي جيڪو ڪڏهن به برونز ايج اسڪيل تي رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جديد ماپي سرشتي جي هڪ ٻي نشاني اها حقيقت آهي ته سنڌوءَ جي شهرن جي اڏاوت لاءِ استعمال ٿيندڙ سرن جي ماپ هڪ جهڙي هئي. هڙپائي ڊاک يارڊن، اناج، گودامن، سرن جي پليٽ فارمن ۽ حفاظتي ديوارن سان ترقي يافته فن تعمير جو مظاهرو ڪيو. قديم سنڌوءَ جي نيڪال ۽ نيڪال جا نظام سڄي علائقي جي شهرن ۾ ترقي يافتا ۽ استعمال ڪيا ويا، وچ اوڀر جي همعصر شهري ماڳن ۾ مليل ڪنهن به نسبت کان وڌيڪ ترقي يافته هئا ۽ اڄ جي پاڪستان ۽ هندستان جي ڪيترن ئي علائقن کان به وڌيڪ موثر هئا. واپار ۽ ٽرانسپورٽ تمدن جي معيشت ظاهر ٿئي ٿو ته واپار تي خاص طور تي منحصر آهي، جيڪا ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجي ۾ وڏي ترقي جي سهولت هئي. ھڙپائي تمدن شايد پھريون پھريون ھلندڙ ٽرانسپورٽ استعمال ڪيو ھو، جيئن بيل گاڏين جي صورت ۾ جيڪي اڄ سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته انهن ٻيڙيون ۽ واٽر ڪرافٽ ٺاهيا آهن، هڪ دعويٰ جي حمايت ڪئي وئي آهي آثار قديمه جي دريافتن جي هڪ وڏي، ڊريج ٿيل واهه ۽ جيڪو لوٿل جي ساحلي شهر ۾ ڊاکنگ جي سهولت طور سمجهيو ويندو آهي.

 

اويس سونوخان راڄپر/نوشهروفيروز

ڪشمور ضلعي ۾ بدامني جو ذميوار ڪير؟

 

گذريل 5 سالن کان وٺي ڪشمور ضلعي جو امن داءَ تي لڳل آھي، حڪومت ضلعي ۾ امن ڪرائڻ بجاءِ فقط ايس ايس پيز جون بدليون ٿي ڪرائي افسوس ڪشمور ضلعي جو امن امان بحال نه ٿي سگھيو ڌاڙيلن ضلعي اندر پنھنجو راڄ قائم ڪري چڏيو آھي، ڪيترائي مسافر  ضلعي مان ڌاڙيلن جي ھٿان اغوا جو شڪار ٿي ويا پر رياستي ادارن توڙي سنڌ حڪومت انھن ڌاڙيل راج کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنھن به قسم جو ڪو تحرڪ نه ورتو، تازو ڪنڌڪوٽ غوثپور جي ڌاڙيلن شڪارپور جي نوجوان کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪشمور ضلعو وانا وزيرستان ڪشمير فلسطين بڻجي ويو آھي روز ماڻهون اغوائن ڦرن چورين جي وارداتن کي منھن ڏين پيا انتظاميه مغوين کي ڊيل تحت ڏوھارين کان بازياب ڪرائي مغوين جي وارثن کان لکين رپيا ڀنگ وٺي رھي آھي ڪنڌڪوٽ شڪارپور ڪرمپور غوثپور تنگواڻي جا روڊ رستا عوام لاءِ غير محفوظ بڻجي ويا آهن اليڪشن گذري چڪو پر چونڊيل نمائندا راج ڀاڳ وارا مير پير ڀوتار سردار به ضلعي جي امن امان بحال ڪرائڻ ۾ به ناڪام نظر اچي رھيا آھن ھاڻي ھي ضلعو رھڻ جھڙو ئي ناھين رھيو ڇاڪاڻ ته ھر پاسي بدامني نظر ٿي اچي، الله پاڪ ھن ضلعي جي غيبي مدد فرمائي باقي سنڌ حڪومت چونڊيل نمائندا عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدارن عوام کي ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي .

 

مختيار  علي بلوچ/ تنگواڻي

 

نصيرآباد جي سماجي نيڪ مرد ۽ سخي انسان جي پڄاڻي!

 

مرحوم حاجي غلام مصطفيٰ تنيو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد ۾ 1 جنوري 1960ع ۾ اوڍاڻا محلا مرحوم ميرل تنيو جي سخي گهر ۾ جنم ورتو، سندس کي 6 ڀينرون ۽ هڪ ڀائر هئا مرحوم حاجي غلام مصطفيٰ تنيو تعليم چنا محلا اسڪول نصيرآباد ۾ پهرين کان پنجين تائين تعليم حاصل ڪئي پوءِ سندس کي والد، محمد اسلم شيخ جي والد جي سبزي جي دڪان تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڇڏي آهيون، جنهن سڄي زندگي محمد اسلم شيخ جي دوستي، ڀائري جي نالي ڪري ڇڏي سبزي دڪان کان بعد ڪريانه دڪان تي محمد اسلم شيخ ۽ مرحوم حاجي غلام مصطفيٰ تنيو 1980ع ۾ پاٽنرشپ ۾ آهيان پاٽنرشپ جي شرعات ٿي سندس جي راهيش محمد اسلم شيخ جي گهر ۾ هوندي هئي جيڪا خدمت پهريان ڪندو هو، اها خدمت پڻ شروع ڪئي مرحوم حاجي غلام مصطفيٰ تنيو کي هڪ ڀاءُ فدا حسين تنيو ۽ اولاد ٽي فرزندن جاويد، سرفراز، فاروق، ٻه نياڻيو آهن. هر نصيرآباد جي غريب شهري، پنهنجي تنيا برداري جو اهڙو خيال رکيو ۽ هر وقت مدد ڪيائين، نصيرآباد شهر ۾ پنهنجو نالو ڪمايو 2010ع ۾ شگر ٿيو، 2020 ۾ دل جو مسئلو ٿيو، 2021 ۾ دل جو آپريشن سائوٿ سٽي اسپيتال ڪراچي ۾ ٿيو بعد ۾ اکين جو مسئلو، ڇاتي جو مسئلو ۽ ٻيا مسئلا ٿيا جنهن جو علاج هلندڙ هو آخر ۾ بڪين جي بيماري ۾ مبتلا ٿيو، جيڪو راچي ڏانهن صيح ٿي آهيو، 4 تاريخ تي طبعيت ناساز ٿي پيس لاڙڪاڻي کڻائي ويا وري لاڙڪاڻي مان سکر کڻائي ويا صيح ٿي آهيو پر جيئن محمد اسلم شيخ جي گهر آهيون ٻه منٽ ويٺو بعد ۾ رات جو 3:00 وڳي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پنهنجي خاندان، نصيرآباد جي غريب شهرين، پنهنجي دڪان جي ملازمن، پنهنجي ڪارين جي ملازمن ۽ هزاري ماڻهن جي اک آلي هئي، جنازي نماز شاهه لطيف باغ ۾ ٿي گذري سندس کي سيد نور شاهه بخاري تي پنهنجي والد ۽ امڙ جي وچ تي مٽي۽ ما۽ احوالي ڪيو ويو.

 

شيراز علي تنيو/نصيرآباد

 

ڪامل بزرگ مخدوم سخي ميان ڦوٽل سائين جي 32 هون عرس!

 

سنڌ سونهاري جي سون ورني سرسبز ۽ خوشبودار ڌرتي تي وقت به وقت نيڪ املھ، صالح ٻانھن، صوفي بزرگن ۽ سخين جنم ورتو آهي، اھڙن سخي املھ انسانن مان مخدوم سخي ميان مخدوم علي احمد المعروف پير ڦوٽل سائين جن پڻ ھڪ ھئا، جنھن جي سخاوت سڄي سنڌ ۾ مشھور آھي ۽ غريبن مسڪينن ۽ مريدن لاءِ ھر وقت ڇپر ڇانو بڻيل رھيا ھر سال جيان ھن سال به سندس 32 ھون ساليانو عرس مبارڪ ڪنڊيارو ڀرسان سنڌ جي مشهور درگاههه عاليه مخدوميا درٻيلو شريف ۾ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، جنھن ۾ عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، عرس مبارڪ جي شروعات مزار شريف تي قرآن مجيد جو ختم شريف پڙھيو ويو، جنھن کان پوءِ درگاهه جي گادي نشين صاحبزاده مخدوم پير فضل الله المعروف مخدوم ٻڍل سائين جن مزار شريف تي آيل عقيدتمندن سان گڏجي گلن جي چادر چاڙهي ۽ اجتماعي دعا گهري جنھن کان پوءِ مختلف ضلعن کان آيل مشهور نعت خوانن خليفو محمد موسيٰ، عزير احمد، مشرف علي ۽ ٻين خوبصورت انداز ۾ نعتون پيش ڪيون، جنھن کان پوءِ عالم دين مولانا محمد ابراهيم سيال دادو، مولانا محمد ابراهيمي خليلي غفاري ۽ مولانا فيض محمد سڪندري خطاب ڪندي چيو ته سخي ميان ڦوٽل سائين جي زندگي انسانيت جي خدمت ۽ مريدن جي لاءِ ھڪ بھترين مثال گذري آهي، سندس درگاهه تي ھر وقت ننگر عام جيڪو به کيس مريدن مان ملندو هو، اھو اتي جو اتي سائلن ۽ محتاجن کي ڏئي ڇڏيندا هئا، جنھن ڪري کيس سخي جو اعليٰ رتبو حاصل ٿيو، ڪيترن ئي مريدن کي روزگار سان لڳائي دلي سڪون حاصل ڪيائين، اسان مسلمان آهيون ۽ الله تعاليٰ جي ڏسيل صحيح وٽ صراط المسقيم تي ھلي زندگيءَ کي بھتر بڻائي سگھجي الله تعاليٰ طرفان مليل رحمتن جو ھر وقت شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، ڪامل بزرگن ھميشه کان امن محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، زڪوات ڏيڻ سان مالدار شخص جي مال ۾ واڌارو پڻ اچي ٿو، اسلام جي بنيادي رڪنن جي ادائيگي سان قلبي سڪون ۽ راحت حاصل ٿئي ٿي، سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڀلاري ڌرتي آهي، جنھن تي مخدوم بزرگ سخي ميان ڦوٽل سائين بادشاھ جن جو جنم ٿيو آهي، جنھن جي سخاوت سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي، جنھن کان پوءِ الفقرا تنظيم جي سرواڻ فقير علي مرتضي لوڙھائي جن ذڪر الاهي جو ورد ڪرايو، جنھن کان پوءِ آخر ۾ درگاهه جي گادي نشين مخدوم ٻڊل سائين بادشاھ جن ساري مسلمان امت ۽ ملڪي بقا ۽ خوشحالي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي ۽ عرس دوران ننگر عام جام رھيو.

 

غلام نبي منگريو/ڪنڊيارو

ملڪ کي ڀائيچاري واري سياست کپي!

 

(حصو ٻيون)

 

هنن جا مطالبا ۽ مختلف بيان ايئن پيا محسوس ڪرائن ڄڻ ته اسان هنن عالمي مالياتي ادارن جي رحم  وڪرم تي ويٺا هجون. اهڙي صورتحال يا اڃا به جي ڳڻتيء جهڙي حالت هجي ته پوء اسان جون سياسي قيادتون ڪهڙو رستو اختيار پڻ ڪنديون.؟ لازمي آھي ته سمجهدار سماجن جون باشعور قيادتون رياستي مفادن کان عوامي مفادن تائين توجھ ڏيڻ کي اشد ضرورت محسوس ڪنديون. ڇو ته رياست ۽ رياست جا ادارا مضبوط هوندا ته قومي قيادتون ان کي ليڊ ڪنديون. هن وقت جي ملڪي،رياستي،قومي،عوامي،جمهوري ۽ پارلياماني  گهرجن ۽ مفادن کي سامهون رکي قومي قيادتن کي پاڻ ۾گڏ ويهڻ کپي. ته جيئن قومي مسئلن جو گڏيل ۽ يقيني حل تلاش ڪري سگهجي. ان لاء سڀ کان پهريان حڪمران ڌرين کي کپي ته هو پنهنجي سامهون حزب اختلاف وارن ڏي پهل ڪري هليا وڃن ۽ هنن کي ملڪي ،عوامي،جمهوري ۽ ادارتي ڀلائيء خاطر گڏ ويهڻ ۽ هم آھنگيء سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏين. ٻي صورت ۾ حزب اختلاف وارن کي به کپي ته قومي تقاضائن تحت حڪمران ڌر سان اجايا اختلاف ۽ اعتراض ختم ڪري رياست،عوام ۽ ادارن جي بهتريء لاء قدم اڳتي وڌائڻ کپي. هڪ مشاهدي ۽ ڳوري اڀياس جي بنياد تي ان چوڻ ۾ڪو حرج محسوس نه ٿيڻ کپي ته ملڪ جي هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي سياسي،ادارتي توڻي عوامي مفادن سان مذاق برابر کيڏيو ويو آھي. ان ۾ قومي قيادت ڪنهن برابر شريڪ کان ڄڻ ته گهٽ ڪردار ادا ناهي ڪيو ته اهو تاريخ جو وڏو ڪوڙ هوندو. دنيا جي باشعور سماجن جي ڏاهي قيادتن مسئلن جو حل وقت کان اڳ سوچڻ ڏاهپ جي نشاني طور سڃاتو ويندوآھي. پر وڏي افسوس سان هتي لکڻو ٿو پوي ته اسان وڏي قومي ،رياستي توڙي ادارتي هاڃن يا ٽڪرائن کانپوء به حل تلاش ڪرڻ هن وقت تائين سواليه نشان بڻيل آھي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوء هي ملڪ جا هيڏا وڏا بحران ته ملڪ هڪ وڏي معاشي بحران جو شڪار ٿي پيو آھي.!! جنهن جو به هڪ وڏو سبب ملڪ ۾ سياسي طور استحڪام نه هجڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان ڪري قومي مفادن ،رياستي مفادن،ادارتي مفادن جي تقاضا اها آھي ته ملڪ جا سڀ جا سڀ ادارا گڏجي هڪ ٽيبل تي ويهي قومي مفادن جي بنياد تي ملڪ جي مسئلن جو مٿي بيان ڪيل حل ڪڍڻ تي زور ڏين. ٻي صورت ۾ هيء جيڪا پوري دنيا ۾ بي يقينيء جي لهر شروع ٿي آھي ۽ اسان جون حڪمران ڌريون توڙي حزب اختلاف واريون ڌريون ۽ قومي ادارن جا سربراھ شايد هن وقت تائين ان معاملي کي سمجهندي ڪنهن اداراڪ تي ناهن پهتا ته پوء کين   ايندڙ مستقبل قريب ۾ ڪنهن وڏي پڇتاء کي منهن ڏيڻو پوندن. تنهن ڪري قومي سياست ۽ رياست جي ڀلائيء جو پروگرام کڻي هلندڙ زميوارن کي حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاء هڪ ٻئي سان اختلاف ختم ڪري هڪ ٿيڻو پوندو ته جيئن ڏکين حالتن جو ڪو حل ڳولهي عوامي ۽ ملڪي وقار کي بهتر کان بهتر ڪري سگهجي.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي