سوال/سروي حڪومت مذهبي عبادتگاهن جو تحفظ يقيني بڻائي، حملو ڪندڙن کي سخت سزا ملڻ گهرجي: عوام

0
334

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مذھبي عبادگاھن تي حملا روڪڻ لاءِ حڪومت کي ڪھڙا قدم کڻڻ گھرجن.؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مذهبي عبادتگاهن تي حملا معمول بڻندا پيا وڃن، ڪڏهن مندرن ته ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪيا ٿا وڃن، ڪڏهن وري درگاهن ۽ امام بارگاهن تي حملا ڪيا ٿا وڃن، حڪومت کي اهڙا حملا روڪڻ لاءِ عبادتگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ گهرجي، جنهن لاءِ ڌار فورس جوڙڻ گهرجي، قانونسازي ڪري حملو ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، مذهبي رواداري قائم ڪئي وڃي سڀني مذھبن مان اڳواڻ چونڊي ھڪ ڪاميٽي ٺاھي وڃي جيڪا اھڙن واقعن ٿيڻ بعد سببن جو جائزو وٺي ۽ حڪومت کي سفارشون پيش ڪري، جنهن بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رانجهن پرمار لکيو ته هندستان ۾ 3 لک فنڪشنل مسجدون آهن بابري مسجد کانسواءِ پاڻ ڪڏهن به نه ٻڌو ته ڪٿي مذهبي عبادت گاهه تي حملو ٿيو هجي، هتي پاڪستان ۾ شايد ڪل 1600 سئو هندن جون عبادت گاهون آهن جن مان صرف 365 هلندڙ آهن ۽ باقي سڀني تي قبضا آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن انهن کي ڊاهي پٽ ڪيو ٿو وڃي. سڄي نااهلي حڪومتن جي آهي، علي عباس جمالي لکيو ته عبادتگاهن مٿان سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي، سارنگ منير سومرو لکيو ته حڪومت مذھبي جنونيت کي قابو ڪرڻ لاءِ صرف قانون سازي ڪرڻ پنهنجو فرض نه سمجهي انهي تي عمل ڪرائڻ لاءِ به حرڪت ۾ اچي، ساگر علي رضا لکيو ته پاڪستان ۾ مذهبي عبادتگاهن تي حملا روز جو معمول بڻيل آهن. ڪڏهن مندرن تي انتها پسندن پاران حملا ڪيا ٿا وڃن ته ڪڏهن وري دهشتگردن پاران مسجدن، درگاهون يا درسگاهون تي حملا ڪيا وڃن ٿا حڪومت کي سيڪيورٽي جو انتظام سخت ڪرڻ گهرجي، حاڪم ڪٽوهر ، علي غلام ۽ علي اصغر قيصراڻي لکيو ته حڪومت کي عبادتگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن، جيئن ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿي، مجاهد مير لکيو ته عبادتگاهن جي حفاظت لاءِ حساس ادارن جي مدد ورتي وڃي، صدام سنڌي لکيو ته رحيم يار خان ۾ اقليتي برادري جي عبادت گاھ تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. پاڪستان ۾ رهڻ وارا اقليتي ڀائر سڀ پاڪستاني آھن. اسلام اسان مسلمانن کي اقليتي برادري سان محبت، امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻ جو درس ڏنو آھي. حملو ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي، محمد حسن بلوچ لکيو ته هميشه پيار ۽ محبت سان هندو مسلمان کي گڏ رهڻ گهرجي، شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، زاهد مهر لکيو ته ڪنهن جي به عبادتگاهن کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي، ساقي سائر لکيو ته سخت قانون سازي ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ذريعي آگاهي مهم هلائڻ گهرجي، محمد اڪرم راهمون لکيو ته اسيمبلي ۾ قانوني بل پاس ڪيو وڃي، نعيم اختر لکيو ته محبتون ونڊيو، علي دوست چانڊيو لکيو ته قانون ٺهيل آهي ان تي عمل ڪرائجي، اسلام ٻين مذهبن جي عبادتگاهن جو احترام ڪرڻ جي تعليم ڏئي ٿو، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار لکيو ته جيستائين پاڪستان ۾ رهندڙ اقليت پاڪستاني کي برابري جي بنياد تي حق نٿا ڏنا وڃن تيستائين ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رهندو،مبين اڄڻ لکيو ته اسان جو مذھب اسلام امن پيار ٻڌي محبت ۽ سڀني مذھبن جي لاءِ احترام جو درس ڏئي ٿو، اسان وٽ بل ته پاس ٿين ٿا پر عمل نٿو ٿئي، جيڪو به اهڙي عمل ۾ ملوث هجي ان کي سزا اچڻ گهرجي، گيان راءِ لکيو ته سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي، محمد اعظم لکيو ته قانون ۾ نيون ترميمون ڪيون وڃن، شبير سهتو لکيو ته مذهبي عبادت گاهن لاءِ هڪ الڳ فورس ٺاهي وڃي، بشير ميراڻي لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته فوري طور تي قانون تي عمل ڪري مذهب جي نالي سان ٿيندڙ واقعن جي ملزم جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ظفر رند لکيو ته حڪومت عبادت گاهن جي سڪيورٽي سخت ڪري، علي مراد چانگ به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالهادي بڙدي لکيو ته مذهبي انتهاپسندي کان نجات جو واحد حل سخت کان سخت سزا آھي، لالچند چانواڻي لکيو ته سوشل ميڊيا تي به حملا ڪيا وڃن ٿا، حڪومت قانونسازي ڪئي وڃي،، طارق باجواڻي ۽ اسد جروار لکيو ته مذھب ۽ سياست کي الڳ ڪيو وڃي. جهانزيب لکيو ته حڪومت سڀني مذهبن جي بيحرمتي روڪڻ لاءِ قانون جوڙي، آسودومل لوهاڻا لکيو ته سڀ مذهب انسانيت جو درس ڏين ٿا، چيتن، گل زيب ساند، عباس علي ،يونس رومي ۽ سيف الله جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، روشن داس لکيو ته مذهبي عبادگاھن کي سيڪيورٽي ڏني وڃي، ديدار بلوچ لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته سڀني مذهبن جي لاءِ الڳ قانون سازي ڪري الڳ فورس مقرر ڪئي وڃي، عباسي مظهر لکيو ته سخت قانون جڙڻ گھرجي، سليم اختر لکيو ته مذهبي رواداري قائم ڪئي وڃي سڀني مذھبن مان اڳواڻ چونڊي ھڪ ڪاميٽي ٺاھي وڃي جيڪا اھڙن واقعن ٿيڻ بعد سببن جو جائزو وٺي ۽ حڪومت کي سفارشون پيش ڪري، جنهن بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، غلام رسول راهمون لکيو ته اقليتن جو تحفظ فرض آهي، عاشق حسين شر لکيو ته حڪومت بيوس آھي، محمد ايوب چانڊيو لکيو ته پاڪستان ۾ مذهبي عبادتگاهون تي حملا روز جو معمول بڻيل آهن. فرمان چانڊيو، اشفاق هڪڙو، شاهد شر، عرفان جمالي به راءِ جو اظهار ڪيو، انتظار ڦل لکيو ته اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جو سڀ عبادتگاهون محفوظ بڻجن، وحيد مستوئي لکيو ته قانون سخت ڪيو وڃي، همٿ علي چانڊيو لکيو ته قانون جي رٽ لازمي آهي، عاشق حسين لکيو ته عبادتگاهن جي حفاظت لاءِڌار فورس تيار ڪئي وڃي، سميع الرحمان لکيو ته ھر ڪنهن کي اھو حق حاصل آهي ته ھو پنهنجي مرضي مطابق عبادت ڪري سگهي ٿو، دلاور حسين کوسو لکيو ته سخت قانون آندو وڃي، روي ميگهواڙ لکيو ته قانون سازي ڪئي وڃي ته جئين مذهبي واقعن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي، محرم قادر شر لکيو ته ڪهڙي به مذهب خلاف ڪير ڪا حرڪت ڪري ته ان کي سخت سزا ملڻ گهرجي، مظفر حسين زرداري لکيو ته حملو ڪندڙن کي سزائون ڏنيون وڃن، مڪيش ڪمار لکيو ته جيستائين اقليتن کي قانون ۾ برابري جا شھري جو حق نه ڏنو ويندو تيستائين اھو ڪلور جاري رھندو.