اشو آف دي ڊي ڪنب ۾ 3 نينگرن جي تذليل: سوشل ميڊيا تي وڏيرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

0
190

ڪنب ۾ 3 نينگرن جي تذليل ڪرڻ واري واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ شهناز شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جھنڊو مشائخ ۾ بااثر وڏيرن چوري جي الزام هيٺ ٻارڙن کي ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي ويهڻ واري جاءِ تي مرچ وجهي مٿو ڪوڙي مٿي کي جيهر ڏئي ان ۾ به مرچ وجهي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، بااثرن وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته پوليس وڏيري جي وانگارو بڻيل آهي، جنهن تي عبدالرحمان دودا لکيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سميت آرمي چيف کي اپيل ٿا ڪريون ته انهن وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ارباب پنهور لکيو ته جيستائين سنڌ ۾ وڏيرن جو راڄ ختم نه ٿيندو تيساتئين غريبن سان ظلم ٿيندو رهندو، منير ڪاظمي لکيو ته انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، نعمان ڀٽو لکيو ته وڏيرن کي خدا جو به خوف ناهي، جاويد رنڌاوا لکيو ته انهن وڏيرن جو پنهنجو قانون آهي، غريب انهن جي ظلمن جو شڪار ٿين ٿا، غلام سرور لکيو ته اسان جي قانون جي ادارن ۾ انصاف ٿئي ها ته اهڙا واقعا نه ٿين ها، عنايت ڇٽو لکيو ته وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، نظر سميجو لکيو ته انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيا ويا، غريبن جو فيصلو خدا ڪندو.پرويز انڍڙ لکيو ته پوليس انهن کي ڪجهه نه چوندي، مصري ڀنڀرو لکيو ته ايچ آر سي پي ۽ سول سوسائٽي کي ان معاملي تي آواز اٿارڻ گهرجي، عبدالڪريم مهر به وڏيرن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، شهزاد نظاماڻي، محب علي لاشاري، رياض علي، بلال آفتاب، سلمان ترڪ، سراج احمد سومرو، ساجد کوکر ۽ ٻين پڻ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثرن سان انصاف جو مطالبو ڪيو. شهزاد جاگيراڻي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي ياسر شيخ لکيو ته انڌير نگري لڳي پئي آهي، ملڪ وحيد، مرتضيٰ ابراهيم، تنها سخاوت شيخ به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، سجاد حسين سنڌي لکيو ته اسان کي وڏيرڪي نظام ئي تباهه ڪيو آهي. صنم منگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. واقعي بابت اعجاز ملاح، ڊاڪٽر طارق حسين سومرو، مهراڻ خان شاهاڻي، جانب ڪٽوهر، ڪامريڊ واحد کوسو، ڀٽي نازيه گلزار ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون.