ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) صوبائي ٽاسڪ فورس پاران ڪورونا ڪيس وڌڻ سبب لاڳو ڪيل پابنديون برقرار رکڻ جو يصلو، سڀاڻي ڇنڇر ڏهاڙي صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ٻيهر صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ساھ جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته رمضان مهيني جي پھرين ھفتي ۾ مثبت ڪيسن جو انگ 737 يعني 5.2 سيڪڙو ۽ ٻئي ھفتي کانپوءِ انگ وڌي 1155 يعني 8 سيڪڙو ٿي ويو. 13 مئي تي عيدالفطر ملھائي وئي، ان ڏھاڙي 1232 ڪيس ھئا جيڪي عيد جي ھڪ ھفتي کانپوءِ وڌي ڪري 2076 يعني 10.2 سيڪڙو ٿي ويا. اجلاس کي اھا پڻ آگاھي ڏني وئي ته عيد کانپوءِ واري ھفتي يعني 13 مئي کان 19 مئي دوران اوڀر ڪراچيءَ ۾ 28 سيڪڙو ڪيس ۽ 16 فوتگيون رپورٽ ٿيون.