سنڌ ۾ قدرتي گئس سالياني 9سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جي ڳالهين ۾ صداقت ناهي: امتياز شيخ

0
184

ڪراچي (رپورٽر) توانائي کاتي سنڌ جي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ قدرتي گئس سالياني 9سيڪڙو گهٽ ٿيڻ جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت نه آهي، صوبائي وزير امتيازشيخ پاران حماد اظهر جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته وفاق ۽ سنڌ تي ٻڌل جوائنٽ سروي ڪميٽي جوڙي وڃي، سياري ۾ گئس جي طلب ۽ کپت ۾ پهريون ڀيرو فرق نه پيو آهي

وفاقي وزير حماد اظهر غلط بياني ڪري رهيو آهي، پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ بدران ٻين وزارت جون رپورٽس پيش ڪندو رهندو آهي، ماضي جي ڪنهن حڪومت قدرتي گئس سالياني حساب سان گهٽ ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪئي، امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير پنهنجي نااهلي تسليم ڪرڻ بدران نئون ڊرامو شروع ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

وفاقي وزير سنڌ ۾ اچي ڪوڙ ڳالهائي غلط بياني ڪن ٿا: امتياز شيخ