جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظهور احمد ھڪڙو جي عدالت 560 ڪلو چرس  رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار عبدالله لھڙي کي عمر قيد ھڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ مهينو سزا ڀوڳيندو ياد رهي ته ڪسٽم پوليس 16 آگسٽ 2020 تي ميهر شاهه وٽ ٽرڪ کي روڪي تلاشي دوران 560 ڪلو چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ھو.