قومي اسيمبلي ۾ شاهه محمود قريشي جي خطاب دوران اپوزيشن جو گوڙ

0
528
شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه  محمود قريشي جي خطاب دوران اپوزيشن جو گوڙ، شاهه محمود قريشي چيو ته رانا شميم جي حلفي بيان جي ٽائيمنگ غور ڪرڻ جهڙي آهي، رانا شميم عدالت جي توهين ڪئي آهي، واقعو 3 سال اڳ پيش آيو ۽ حلفي بيان هاڻي ظاهر ٿي رهيو آهي، اسان کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي، مايوسي پکيڙڻ ملڪي مفاد ۾ ناهي

ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾ نواز ليگ ايم اين اي طرفان پرڏيهي وزير تي تنقيدي وار ڪيا ويا آھن، احسن اقبال جو چوڻ ھو تھ شاهه محمود قريشي پاڻ کي پي ٽي آءَ جي متبادل قيادت طور پيش ڪيو، پرڏيهي وزير ٻڌائي ته اڄ ڪنهن کي انٽرويو ڏئي رهيو هو

فنڊنگ ڪيس عمران خان

ھن چيو تھ  شاهه محمود ڪنهن مهل پرڏيهي وزير ته ڪنهن وقت شهزاد اڪبر ۽ فخر امام جي روپ ۾ نظر آيو، هي ميدان ڇڏي ڀڄي رهيا آهن، پر اسان ڀڄڻ نه ڏينداسين، حڪمران ڪالهه تائين آصف زرداري جي ساراهه ڪري رهيا هئا، اڄ وري مٿس تنقيد ڪن ٿا، حڪومت ملڪ کي پرڏيهي قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو، عوام غربت ۽ مهانگائي مان بيزار ٿي ويو

ھي به پڙھندا

سينيٽ ۾ لاھور ڌماڪي ۽ دھشتگردي جي واقعن تي بحث، وفاقي گھرو وزير کان بريفنگ جو مطالبو