ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ يونيورسٽي انتظاميا پاران ليو انڪيشمينٽ سوڌو ٻيا مطالبا پورا نه ڪرڻ خلاف ملازمن احتجاج جو دائرو وڌائي ريليون ڪڍڻ ۽ عملدارن جي رستا روڪ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ، ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم سيوا جي سڏ تي ڪالهه 33 ڏينهن به ڄامشورو ڦاٽڪ تي پهچي سنڌ يونيورسٽي سي اين جي کان شهر جي مک جي ايم سيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي. سيوا اڳواڻن محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار علي رستماڻي، امداد علي کوسو، يار محمد لغاري، احمد علي ڪنڀار، سهراب برفت، رستم چانڊيو، رياض ناريجو، شعمون مسيح ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي احتجاج جو فوري طور نوٽس ورتو وڃي ۽ اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، اسان جا ملازم مسلسل 33 ڏينهن کان احتجاج ۾ آهن پر سنڌ يونيورسٽي انتظاميا مان ڪوبه اسان وٽ ھلي ناهي آيو نه وري ملازمن جو ڪوبه مسئلو حل ڪرڻ لاء تيار آهن، ان لاء اسان پنهنجي احتجاج کي جاري رکندي ۽ مرحلي وار احتجاجي تحريڪ کي وڌائينداسين ، جنهن ۾ ۽ جئين گورنمينٽ طرفان ٻيهر يونيورسٽيون کوليون وينديون ته سيوا پنهنجي ملازم ڀائرن جو جنرل اجلاس سڏائي ڪراچي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب تي احتجاج ڪيا ويندا ان بعد سيوا طرفان تالا بندي جو به اعلان ڪري سگهي ٿي ۽ جيسيتائين ملازم ڀائرن کي ليوانڪيشمنٽ نه ڏني ويندي تيسيتائين احتجاج جاري رهندو.