مانجهند (ن پ ا) مانجهند تعلقي جي ديه لاکا جي آبادگارن مهدي صالح ڪاڇي غلام دستگير ڪاڇي ڀائي خان کوسو محمد لائق کوسو محمد علي کوسو نظير کوسو غلام محمد کوسو صحافين کي زمينن جو دورو ڪرائيندي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو. هنن دانهيون ته ٻيلي کاتي مٽياري جو ڊي ايف او ۽ اهلڪار مبينا رشوت نه ملڻ تي مڇرجي ديه لاکا تعلقو مانجهند ۾ واقع 700 کان وڌيڪ ايڪڙ تي فصل ڀيلائي موٽر کڻائي زمينن تان بي دخل ڪري ڇڏيو آھي. هنن لاکا ديهه جا سروي زمينن جا ڪاغذ ڏيکاريندي چيو ته ٻيلي کاتي وارا چون ٿا جيڪي آبادگار رشوت نه ڏيندا انھن کي زمينون پوکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. علائقي جي اهم سياسي شخصيت سيد جلال محمود شاه روينيو کاتي جي عملدارن جي سامھون زمينن جي ماپ ڪرائي هئي ۽ ماپ جي مطابق ديه لاکا ۾ 700 ايڪڙ زمين ڪاڇي خاندان کي ڏياري انھي زمين مان ڪاڇي خاندان 20 سال اڳ ڪجه زمينون وڪرو ڪيون جيڪي مختلف برادرين جا ماڻھو پوکي روزي ڪري رهيا آھن اھي مختلف برادرين جا ماڻھون اڄ ھن مظاھري ۾ شريڪ آھن پر هاڻي ڊي ايف او مٽياري آر ايف او سعيد آباد مبينا ڏيتي ليتي نه ڪرڻ تي فصل ڀيلائي پوکڻ کان منع ڪري آبادگارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن زمينون آباد نه ھجڻ جي ڪري اسين آبادگار فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھيون. عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري زمينون ڏنيون وڃن. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايف او مٽياري ياسين رند ٻڌايو ته متاثر ڪمشنر حيدرآباد کي درخواست ڏئي روينيو کاتي کان ماپ ڪرائين باقي اسان گوگل جي نقشي مطابق ٻيلي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا آھن.