نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڀرسان مختلف ڳوٺن برادي ڳوٺ، بلال ڦلپوٽو ڳوٺ ۽ ڳوٺ اميربخش جي روڊن تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار هجڻ خلاف پ پ پ شھيد ڀٽو ۽ ڳوٺاڻن پاران گڏيل احتجاجي مظاھرو ڪري ٺيڪيدار ۽ روڊس کاتي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ابراھيم چانڊيو، رسول بخش کوسو، صفرڦلپوٽو، امجد ڦلپوٽو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته روڊن تي ٺيڪيدار پٿر لهرائي گم ٿي ويو آهي، روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب سفري سهولتن کان محروم آهيون، ھنن چيو ته ٺيڪيدار ۽ روڊس کاتي جا عملدار روڊ جي ڪم ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي روڊ ٺهرايو وڃي.