سنڌ يونيورسٽي جي گرفتار 4 شاگردن جي ضمانت واري درخواست رد

0
298
سنڌ يونيورسٽي جي گرفتار 4 شاگردن جي ضمانت
سنڌ يونيورسٽي جي گرفتار 4 شاگردن جي ضمانت واري درخواست رد

حيدرآباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ يونيورسٽي جي گرفتار ڪيل 4 شاگردن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان شاگردن کي نارا جيل موڪلڻ ۽ 12 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ امتحان جيل ۾ ئي وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
ڄامشورو پوليس شاگرد امر آڪاش لاکو، ارسلان آريسر، ذوهيب لاکو ۽ عبدالقدوس آريسر کي عدالت ۾ پيش ڪيو
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس بابت اڃا طئي ئي ناهي ٿيو ته اهو ڪهڙي عدالت ۾ هلندو، شاگردن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي،21 ڊسمبر تي پوليس کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

ھي به پڙھندا

موٽر وي ميگا اسڪينڊل: مختيارڪار سميت 6 جوابدار اينٽي ڪرپشن ٽيم حوالي

شهيد ناظم جوکيو ڪيس:  ايم پي اي ڄام اويس سميت 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو