شهيد ناظم جوکيو ڪيس:  ايم پي اي ڄام اويس سميت 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

0
362

ملير جي عدالت شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام سميت 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي

ملير جي عدالت ۾ شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو

پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام سميت 8 جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو،عدالت 15 ڊسمبر تي ڪيس ۾ شاهدن کي طلب ڪري ورتو

شهيد ناظم جوکيو جا وارث قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ايم پي اي اويس گهرام سميت 5 جوابدارن کي راضي نامي تحت معاف ڪري چڪا آهن

جوابدارن پاران بيوهه شيرين جوکيو کي ديت جي رقم به ادا ڪئي وئي آهي، وارثن ۽ جوابدارن وچ ۾ طئي ٿيل صلح نامو عدالت ۾ جمع ڪرايل آهي

عدالت پاران ڌرين وچ ۾ ٿيل صلح نامي جي اڃا تائين منظوري نه ڏني وئي آهي