سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اليڪشن 2024 لاءِ پولنگ جاري

0
55

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اليڪشن 2024 لاءِ پولنگ جاري، اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي قومي تڪ اين اي 127 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو

 آصفه ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نوابشاهه ۾ ڪاسٽ ڪيو، آصفه ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سان گڏ ايل بي او ڊي ڪالوني جي پرائمري اسڪول جي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو، اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه سيوهڻ جي پولنگ اسٽيشن واهڙ پهچي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو

 ڪراچي ۾ ملير جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ دير سان شروع ٿي، ساڍي اٺين وڳي تائين ووٽرز پولنگ اسٽيشنز ٻاهران انتظار ڪندا رهيا، سکر، تنگواڻي، پنگريو ۽ ٻين شهرن ۾ به پولنگ دير سان شروع ٿي

 بدين جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ساڍي نائين وڳي تائين پولنگ شروع نه ٿي سگهي، حيدرآباد، نيو سعيد آباد، تنگواڻي، شهدادڪوٽ، ميرپور ماٿيلو، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ پولنگ جاري آهي

ننگر پارڪر، گمبٽ، پير جو ڳوٺ، ڪنري، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به پولنگ جاري، اڪثر شهرن ۾ ووٽن جو ٽرن آئوٽ گهٽ نظر اچي رهيو آهي

فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي بندش سبب اليڪشن ڪميشن جي اسلام آباد ۾ قائم ڪيل مرڪزي ڪنٽرول روم کي ڪا به شڪايت نه ملي

 ترجمان مانيٽرنگ ڪنٽرول روم هارون شنواري جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ پولنگ پرامن نموني جاري آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر مڪمل طور فعال آهي

فوٹورائٹرز

 مرڪزي ڪنٽرول سينٽر جو ريجنل ۽ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽرز سان لاڳيتو رابطو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پاڻ مرڪزي ڪنٽرول سينٽر ۾ موجود آهي ۽ اليڪشن عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي، اڃا ڪٿان به ڪا شڪايت نه ملي آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کي فون يا انٽرنيٽ سروسز بابت ڪي به هدايتون جاري نه ڪندي، اسان چئون موبائيل سروس کولي ڇڏيو ۽ دهشتگرديءَ جو ڪو واقعو ٿي وڃي ته ڪير ذميوار هوندو

فوٹورائٹرز

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته اسان جو سسٽم انٽرنيٽ تي نه ٿو ڀاڙي، اميد آهي ته چونڊن جو عمل خير خيريت سان مڪمل ٿيندو

هي به پڙهندا

اميد آهي ته پيپلزپارٽي عام چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي: آصف زرداري