مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) اليڪشن ۾ اڄ مورو جي پي ايس 35 ۽ اين اي 206 تي سخت مقابلو ٿيندو، قومي تڪ اين اي 206 تي جي ڊي اي جي مرتضيءِ جتوئي ۽ پيپلز پارٽي جي ذوالفقار علي بھڻ ۾ مقابلو ٿيندو، جڏھن ته پي ٽي آءِ جو امان قاضي پڻ تڪ تي بيٺل آهي، پي ايس 35 تي ڪل ووٽرن جو تعداد 2 لک 25 ھزار 708 آھي، جنھن ۾ مرد ووٽرن جو تعداد ھڪ لک 21 ھزار 662 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد ھڪ لک 40 ھزار 46 آھي، تڪ تي 169 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آھن، جن مان 55 پولنگ اسٽيشنز کي انتھائي حساس ۽ 31 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آھي، اهڙين پولنگن ۾ قمرالدين ٿاڻو، ڪورائي ٿاڻو، ملڪ، لغاري، سڌوجا، نيو جتوئي ۽ ٻين ٿاڻن جون حدون شامل آهن، تڪ تي مجموعي طور مختلف پارٽين ۽ آزاد اميدوارن فارم ڀرايا آھن جن ۾ پ پ جو ضياءُ الحسن لنجار، جي ڊي اي جو مسرور جتوئي، تحريڪ انصاف جو آزاد اميدوار محمد رمضان لنڊ، عوامي تحريڪ جو گل ڀنگر، آزاد اميدوار وڪيل قادربخش ڪورائي، راهه حق پاڪستان جو ثناءُالله ڪورائي، تحريڪ لبيڪ جو اختر حسين ۽ ٻيا شامل آهن، تڪ تي اصل مقابلو پيپلز پارٽي جي ضياءُ الحسن لنجار ۽ جي ڊي اي جي مسرور جتوئي وچ ۾ ٿيندو، تڪ ۾ مورو ميونسپل، درس، مناھي، درياخان مري، گچيرو، پرڻ، سونھري فارم جا علائقا شامل آھن.