ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بحري معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪينٽونمينٽ بورڊن  ونڊن کي شفاف بنائي ته جيئن ڪنهن کي به شڪايت نه رهي، ڪالهه ڪي پي ٽي جي گيسٽ هائوس تي اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گذريل آدمشماري سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل ڊپٽي ڪمشنرن ڪئي هئي ، هاڻ  اهي پاڻ تسليم نٿا ڪن، ڪراچي جو بي تاج بادشاهه مرتضيٰ وهاب  کي اڃا تائين عوام قبول ناهي ڪيو،  هن چيو ته اڄ ڪينٽونمينٽ بورڊن جي اليڪشن آهي، عوام گذريل اليڪشن جيان پرامن رهي، هوڏانهن ڪالهه علي زيدي ڪي پي ٽي جي اسپورٽس ڪامپليڪس جو پڻ دورو ڪيو