ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سبڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته  وفاق ڪراچي جا 3 وڏا نالا صاف ڪرايا آهن،  ڪراچي ليبارٽري ناهي جو هر تجربو ڪراچي تي ئي ڪيو وڃي ٿو، ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪرپشن جو اڏو آهي،  اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي ۾ مڪاني جون چونڊون ٿين ، جڏهن ته پ پ وارا چون ٿا ته هتي ايڊمنسٽريٽر هجي. سليڪشن وارو ڪم سنڌ حڪومت پاڻ ڪري پئي، هن چيو ته  ڪراچي جو مستقل حل ڪڍيو وڃي.