لاهور (م ڊ) صاف پاڻي ريفرنس ۾ نواز ليگ صدر شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ڌيءَ رابعا ۽ ناٺي عمران جون ملڪيتون  ضبط ڪرڻ جي حوالي سان رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته عدالت ٻين شريڪ جوابدارن جي بريت جي درخواستن تي دليل طلب ڪرڻ کانپوءِ ڪارروائي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نيب جاچ ٽيم طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ميسرز فاطيمه ڊويلپرز ۾ عمران علي جا 65 لک شيئرز ۽ رابعا عمران 35 لک شيئر جا مالڪ آهن، ميسرز ايس ايم سي ۾ عمران علي يوسف جا 60 لک ماليت جا شيئرز آهن، حديبيه انجنيئرنگ ۾ شهباز شريف جي ڌيءَ جا 7 هزار ماليت جا شيئر آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شريف پولٽري فارم ۾ رابعا عمران جا هڪ هزار ماليت جي شيئر به ضبط ڪيا ويا آهن، مدينه فيڊ ۾ عمران علي جي شيئرز جي ماليت هڪ ڪروڙ 25 لک، جڏهن ته رابعا عمران 50 لک ماليت جي شيئرز جي مالڪياڻي آهي. رپورٽ موجب ميسرز پروسيڊ فوڊ ۾ عمران علي ۽ رابعا عمران جا 25 لک ماليت جا شيئرز آهن، ان کانسواءِ علي ٽريڊ سينٽر ۽ علي ٽاور ۾ عمران علي ۽ رابعا عمران ڪيترن ئي دڪانن جا مالڪ آهن. واضح رهي ته احتساب عدالت شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جي پيش نه ٿيڻ تي کين اشتهاري قرار ڏيندي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.