اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي پاڻي مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت سنڌ بئراج جي منصوبي تي سخت اعتراض واريندي ان منصوبي کي سنڌ جي ساحلي پٽي جي تباهي جو منصوبو قرار ڏئي ڇڏيو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي پاڻي مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ واپڊا اختيارين سنڌ بئراج منصوبي تي ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ بئراج منصوبي جو مقصد سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ، ان علائقي ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي ۽ زرعي آبپاشي جي لاءِ پاڻي جي دستيابي آهي، سنڌ بئراج جي منصوبي ٺاهڻ وقت نائيدر لينڊ، سنگاپور، ويٽنام جي ڊيلٽا بئراجن ۽ رورس جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل 5 آگسٽ 2019ع تي اجلاس ۾ سنڌ بئراج جي ڪانسيپٽ پيپر جي منظوري ڏني وئي، جيڪو ڪانسيپٽ پيپر 23 آگسٽ 2019ع تي سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنو ويو، سنڌ حڪومت سنڌ بئراج جي فزيبلٽي اسٽيڊي واپڊا کان ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو، ڊي ڊي ڊبليو پي سنڌ بئراج جي فزيبلٽي اسٽيڊي لاءِ پي سي ٽو پهرين ڊسمبر 2019ع تي منظور ڪيو، پاڻي وزارت ان بعد انتظامي منظوري 17 ڊسمبر 2019ع تي ڏني، ٽاپوگرافڪ سروي 90 سيڪڙو مڪمل ٿي وئي آهي، جيو ٽيڪنيڪل جاچ ۽ مجموعي طور تي فزيبلٽي اسٽيڊي 70 سيڪڙو مڪمل ٿي وئي آهي، سنڌ بئراج منصوبي تحت بئراجون ٺهنديون، جن بئراجن مان 10 هزار ڪيوسڪس پاڻي گذارڻ جي اهليت هوندي، سنڌ بئراج منصوبي تحت 2 ايم اي ايف پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم به ٺهندو، رائيٽ بينڪ ڪينل کان گهاري تائين 62 ڪلوميٽر ۽ ليفٽ بينڪ ڪينال کان گولاڙچي تائين 57 ڪلوميٽر ڪنڪريٽ لائين تعمير ٿيندي، سنڌ بئراج جي منصوبي لاءِ فزيبلٽي رپورٽ اسٽيڪ هولڊرن ۽ پرڏيهي پاڻي ماهرن جي مشاورت سان ڊسمبر 2021 ۾ تيار ٿي ويندي، ڪنسلٽنٽ جولاءِ 2022ع ۾ مقرر ٿيندو، تفصيلي انجنيئرنگ ڊيزائن لاءِ ٽينڊر مارچ 2023ع ۾ ۽ سنڌ بئراج منصوبي جي تعمير نومبر 2023ع کان شروع ٿي آڪٽوبر 2026ع تائين مڪمل ٿيندي، ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته اهو طئي ٿيو هو ته سنڌ بئراج منصوبي بابت سنڌ حڪومت سان مشاورت ڪئي ويندي، ٻڌايو وڃي ته ڇا ان منصوبي تي سنڌ حڪومت رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جنهن تي واپڊا اختيارين ڪاميٽي کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جيڪي اشو اٿاريا آهن انهن جا جواب ڏنا ويا آهن، جيستائين مسئلي جي اسٽيڊي نه ٿيندي ته مسئلا حل نه ٿيندا، في الحال اسٽيڊي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي آبپاشي عملدار ظريف کيڙي چيو ته سنڌ بئراج جي حوالي سان سنڌ حڪومت سان 4 اجلاس ڪيا ويا آهن، ڪانسيپٽ پيپر رپورٽ تي سنڌ حڪومت شديد ٽيڪنيڪل اعتراض واريا هئا، هن چيو ته 2005ع ۾ ڊيلٽا ۽ ڊائون اسٽريم جي حوالي سان تفصيلي اسٽيڊي ٿي هئي، ان اسٽيڊي ۾ سنڌ بئراج منصوبي کي غير موزون منصوبو قرار ڏنو ويو هو، هن چيو ته اسان سان ڪيل ميٽنگن کان پوءِ هاڻي ان منصوبي تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ بابت اسان کي ڪجهه معلوم ناهي، جنهن تي ڪاميٽي ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبر احسان مزاري چيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ بئراج منصوبي جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، نواب يوسف ٽالپر جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جا عملدار ٻڌائي رهيا آهن ته انهن سان مشاورت نه ڪئي وئي آهي، سنڌ آبپاشي کاتي جي عملدارن سنڌ بئراج جي حوالي سان موقف رکندي ڪاميٽي کي ٻڌايو ته سنڌ بئراج جي تعمير لاءِ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي جن انگن اکرن کي وفاقي حڪومت بنياد بڻائي رهي آهي اهي انگ اکر ئي غلط آهن، 1960ع ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 60 ايم اي ايف پاڻي ايندو هو، هاڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ رڳو 13 ايم اي ايف پاڻي اچي ٿو، ڊائون اسٽريم جي عالمي ماهرن جي اسٽيڊي مطابق 10 ايم اي ايف پاڻي سالياني گهرج آهي، جنهن ڪري باقي 3 ايم اي ايف پاڻي بچي ٿو، ڀاشا سميت جيڪي ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، انهن ۾ پاڻي ويندو ته اهو پاڻي به گهٽجي ويندو، سنڌ جي آبپاشي عملدارن چيو ته سنڌ بئراج جو منصوبو سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نه سگهندو پر ان منصوبي سبب 40 ڪلوميٽر تائين سمنڊ اڳتي اچي سنڌ جي زمين پائي ويندو، پهريان ئي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي حوالي سان هن بئراج جي تعمير سان ڪو فائدو نه ٿيندو، ان منصوبي سان جيڪا آباد زمين آهي اها به غير آباد ٿي ويندي، هن چيو ته ڊائون اسٽريم لاءِ پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي، هن وقت به ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ناهي، پاڻي مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير ڪاميٽي جي ميمبر خواجا آصف چيو ته سنڌ بئراج جي منصوبي تي بريفنگ لاءِ اگر چيئرمين واپڊا پاڻ موجود هجي ها ته بهتر نموني سان بحث ٿئي ها، سنڌ جي آبپاشي عملدارن ٻڌايو ته 80 ايم اي ايف پاڻي مان هاڻي رڳو 13 ايم اي ايف پاڻي اچي رهيو آهي، ان مان 10 ايم اي ايف پاڻي ته سنڌ جي گهرج آهي، هن چيو ته پاڻي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، سنڌ جي آبپاشي عملدار ظريف کيڙو چيو ته فزيبلٽي رپورٽ جو مطلب اهو منصوبو تعمير ٿي سگهندو يا نه آهي، پر ان حوالي سان جيڪي اڀياس ٿيل آهن انهن جو تعداد 3 آهي، انهن ۾ سنڌ بئراج منصوبي کي غير موزون منصوبو قرار ڏنو ويو آهي، ڀاشا، داسو ۽ ٻيا ڊيم ٺهي رهيا آهن، سنڌ بئراج جي منصوبي سان سمنڊ 45 ڪلوميٽر وڌيڪ اڳتي وڌي ايندو، جنهن تي ڳڻتي آهي، هي اسان لاءِ نسلن جو مامرو آهي، عالمي ماهرن کان راءِ وٺو ۽ تفصيل فراهم ڪيا وڃن، فيڊرل فلڊ ڪميشن جي چيئرمين جو چوڻ هو ته سنڌ بئراج جي فزيبلٽي اسٽيڊي ٿيڻ ڏني وڃي، جنهن سان سامهون اچي ويندو ته هي منصوبو تعمير لاءِ مناسب آهي يا نه؟ ان بعد ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر هدايت ڪئي ته فزيبلٽي اسٽيڊي کان اڳ سنڌ حڪومت سان مشاورت ڪئي وڃي.