ڪراچي: سنڌ ڪابينا چشما ۽ تونسا لنڪ ڪئنال فوري طور تي بند ڪري سنڌ کي گهربل پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ڪابينا کي ٻڌايو ته ارسا اختيارين سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنالن ذريعي سنڌو جو پاڻي جهلم ندي ۾ منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ٿيڻ ڪري نه رڳو پوکيل فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن پر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو به خدشو آهي. جنهن بعد ڪابينا ارسا تي زور ڀريو ته اها جهلم چناب سسٽم ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي بند ڪرائي سنڌ لاءِ پاڻي ڇڏي،