ڪراچي: نئين مالي سال 2021_22۾ سنڌ جي وبائي مرضن جي علاج لاءِ اسپتالون قائم ڪرڻ جي مد ۾ 9 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سکر، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ وبائي مرضن جي علاج لاءِ انفيڪشن ڊزيز اسپتالون قائم ڪيون وينديون. اهي اسپتالون 200 بسترن تي مشتمل هونديون. جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪي ايم سي جي ماتحت هلندڙ عباسي شهيد اسپتال جي توسيع لاءِ به منصوبو به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ 10 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز بجيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي.