سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي جي علائقي ڳوٺ خانصاحب دين محمد جوڻيجو جي رهواسي پورهيت 20 ورھين جي نوجوان غمشاد علي عرف پپي بروهي جو 2 ڏينهن پراڻو لاش ايڌي سينٽر ڪراچيءَ مان هٿ آيو. نوجوان ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو رابطو ڪرڻ تي نوجوان غمشاد جي چاچي اسماعيل بروھي ٻڌايو ته لاش 2 ڏينھن پراڻو آھي. نوجوان جي ڄنگهن ٻانهن ۽ پيٽ تي زخمن جا نشان آھن.