ڪراچي(اسپورٽس نيوز) وڊيو اسٽريمنگ ايپ “سنيپ چيٽ” طرفان متعارف ڪرايل چيٽ جي پي ٽي تي ٻڌل هڪ اي آءِ ٽول جا سوشل ميڊيا تي چرچا آهن، ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن به ان فيچر کي پسند ڪري رهيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تازو هڪ سنيپ چيٽ واهپيدار طرفان سنيپ چيٽ “اي آءِ” جو استعمال ڪندي هڪ سوال پڇيو ويو، واهپيدار سوال ڪيو ته بابر اعظم ۽ ويرات ڪوهلي مان ڪير بهتر آهي؟ جواب ۾ سنيپ چيٽ “اي آءِ” ٻنهي مان ڪنهن کي به بهتر قرار ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو ته ٻئي سٺا رانديگر آهن،

 

ٻنهي جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ ڏکي آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته ٻنهي جو کيڏڻ جو انداز ئي الڳ آهي. سنيٽ چيٽ کان پوءِ واهپيدار وري سوال ڪيو ته ٻنهي مان هڪ جي چونڊ ته ڪرڻي پوندي؟ واهپيدار جي اصرار تي سنيپ چيٽ “اي آءِ” قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو نالو ورتو.