نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) 27 مئي تي احمد آباد ۾ اسپيشل جنرل ميٽنگ (ايس جي ايم) گهرائي ورتي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بورڊ طرفان گهرايل اسپيشل ميٽنگ جو مقصد آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع تياريون ۽ وينيو جي حوالي سان حتمي پلان تيار ڪيو ويندو. آءِ سي سي طرفان هن وقت تائين ورلڊ ڪپ 2023ع جي شيڊول جو اعلان نه ڪيو ويو آهي پر رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته 5 آڪٽوبر کان 19 نومبر تائين کيڏي ويندڙ ايونٽ لاءِ 12 وينيوز جي چونڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته فائنل احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.