سمورا معاملا طئه ٿيڻ بعد ئي بجيٽ جو عمل اڳتي وڌي سگهندو: پرويز الاھي

0
194
سمورا معاملا طئه ٿيڻ بعد

لاھور: پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب جي بجيٽ اڄ پيش ٿي ويندي، پر سمورا معاملا طئه ٿيڻ بعد ئي بجيٽ جو عمل اڳتي وڌي سگهندو، اسيمبلي ۾ اوپري ماڻهو کي نٿو ويهاري سگهجي

ھن چيو تھ ٻار اچي ويا آهن، کين سمجهه ناهي ته هائوس ائين نه هلي سگهندو آهي، آئين تحت اسپيڪر کي اختيار آهي ته ڪنهن کي به ايوان ۾ گهرائي، هنن کي معافي وٺڻي پوندي

ھن چيو تھ  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي اسيمبلي اچڻو پوندو، وڏو وزير به ايوان جو هڪ ميمبر آهي، کيس رولز تحت هلڻو پوندو، گذريل ڏينهن بدنظمي سبب اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو هو

ھي به پڙھندا

سنڌ حڪومت اڄ بجيٽ پيش ڪندي، پگهار ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان