سجاول (ن پ ا) سجاول ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جهيڙي جي نتيجي  ۾ عورت سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سول اسپتال ۾ سجاول جي وارڊ نمبر 11 جي رهواسي سيد سجاد علي شاھ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جي زرعي زمين تي آمڙا برادري جا ماڻهو قبضو ڪري رهيا آهن، هنن قبضو ڪندي اسان جي زمين تي اوطاق به ٺاهي ورتي آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.