راڻيپور (ن پ ا)راڻيپور ۾ صحافي نياز ڀنڀري جي ڏوهٽي محمد نواز ڀنڀرو  جي بازيابي لاءِ صحافين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي غلام حسين چانگ، نياز ڀنڀرو، صوفي ياسين راڄپر، بچل ھنگورو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صحافي مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائين ٿا پر صحافي غيرمحفوظ بڻيل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  نياز ڀنڀرو جي ڏوھٽي   شاگرد محمد نواز ڀنڀرو کي بازياب ڪرايو وڃي.