سامارو (ن پ ا) سامارو تعلقي جي پي پي ايچ آءِ حوالي ٿيل سمورن بي ايچ يو سينٽرن تي آڪسيجن سلينڊرن جي اڻھوند، مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳل، ان ڏس ۾  ڳوٺ انور مڱريو جي رهواسي هاري مڪيش ڪمار ڪولهي جي گهرواري جي  صالح ڀنڀرو بي ايچ يو سينٽر تي ڊليوري ٿي، جنھن ۾ ٻڏل ٻار ڄائو، بي ايچ او سينٽر تي  آڪيسجن نه ھئڻ تي ٻارڙي کي  سامارو تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي آڪسيجن ملڻ بعد ٻارڙي کي ھوش آيو،  ٻئي طرف يوسي پڌريو واسي مرتضي’ ڀوتراڻي جي گھر واري جي ڊليوري ٿي، جنھن ۾ پڻ ٻڏل ٻار ڄائو، لاڳاپيل بي ايچ يو سينٽر پڌريو فارم تي آڪسيجن جي سھولتن نه ھجڻ تي سامارو تعلقا اسپتال آڻي ٻار کي آڪسيجن ڏني وئي، جڏھن ته سامارو  تعلقي جي7 بي ايچ يو سينٽرن  تي آڪسيجن سلينڊرن جي مڪمل طور تي اڻھوند آھي، جنھن سبب سينٽرن تي ايندڙ  مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن،  ان حوالي سان علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي بي ايچ يو سينٽرن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.