خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سرائي گهنور خان پاڙي ۾ پيءُ پاران پٽ کي زنجيرن  سان ٻڌي تشدد ڪرڻ واري وڊيو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتي. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته عبدالغني ميمڻ پنهنجي معصوم پٽ عبداللطيف ميمڻ کي گهر اندر زنجيرن سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو. ٻڌايو پيو وڃي ته پاڙي وارن جي موبائل فون چوري ڪرڻ تي والد پاران پٽ تي بدترين تشدد ڪيو ويو ۽ کيس گهر اندر زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو. ٽائيم نيوز کي هٿ آيل وڊيو ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته معصوم جو مٿو ڦاٽل  آهي ۽ گهر اندر زنجيرن سان ٻڌل آهي. هوڏانهن پاڙيسرين جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن کان وٺي پاڙي جي گهر مان رڙيون ٻڌي رهيا هئاسين پر در کڙڪائڻ تي گهر مالڪ جو چوڻ هو ته اسان جو پنهنجو مسئلو آهي، اوهان جي مداخلت جي ڪابه ضرورت ناهي. هوڏانهن اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ميڊيا ۾ خبرون نشر ٿيڻ ۽ اطلاع ملڻ باوجود ڪوبه تحرڪ نه ورتو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.