کپرو (ن پ ا) کپرو ۾ جي ڊي اي جي ايم پي  اي قاضي شمس الدين راڄڙ  پنهنجي رهائش گاهه تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته  اڇڙي ٿر سان واسطو رکندڙ  ھارڊ ايريا جي  ٽيچرن سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن، هارڊ ايريا جي پاس ٿيل 40 ٽيچرن کي نظر انداز ڪري ان هنڌ  سافٽ ايريا جاماڻھون کڻي انهن کي آڊر ڏنا ويا آھن، آئوٽ سائينڊ جي ماڻھن کي مقرر ڪري مقامي نوجوان استاد سان زيادتي ڪئي پئي  وڃي، هن چيو  ته ڊي او  تعليم سانگهڙ ۽ ٽي اي او   پاران حڪومتي پاليسي جي ابتڙ ڪم ڪرڻ سبب ڪيترائي بي روزگار ٽيچر نوڪري نه ملڻ سبب رهجي ويا آھن. جنهن سبب  ٿر جا اسڪول  خالي پيل آھن.  ٻئي طرف

ٽي اي او کپرو مصطفيٰ لغاري  ٻڌايوته  سافٽ ايريا جي ڪنهن به ٽيچر کي  هارڊ ايريا ۾ مقرر ناهي ڪيو، حڪومتي پاليسي موجب مقرريون ڪيون آھن. جيڪي رهيل آهن انهن کي آرڊر ملندا.