ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سارا خان کي طبعيت ۾ خرابي سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.گذريل ڏينهن انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪارا جي مڙس گلوڪار فلڪ شبير گهرواري سارا خان جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل ڏسي سگهجي ٿو.فلڪ شبيراسٽوري ۾ ڪيپشن لکندي مداحن کي اطلاع ڏنو ته سارا جي طبعيت ناساز آهي پر اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته اداڪارا کي ڪهڙو مرض آهي ۽ کيس اسپتال ڇو داخل ڪيو ويو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ساره ۽ فلڪ پاران انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي اطلاع ڏنو ويو هو ته هن وقت هو استنبول ۾ آهن جتي ڪورونا سبب لڳايل ڪرفيو جي ڪري هو ٻئي ڄڻا ڦاسي پيا آهن.ميڊيا رپورٽن ۾ چيو پيو وڃي ته اداڪاره ساره ۽ فلڪ هني مون ملهائڻ ويا آهن پر اڃان تائين اهو واضح ناهي ته هن جي طبيعت ڪٿي خراب ٿي پاڪستان ۾ يا ترڪي ۾ ؟