ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري گلوڪار عاطف اسلم رمضان المبارڪ ۾ ”سلامِ عاجزانه“ رليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.عاطف اسلم گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ اسما الحسنيٰ پڙهي مداحن جون دليون کٽيون هيون ۽ هن سال ”سلامِ عاجزانه“ رليز ڪندو.گلوڪار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون جاري ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته هن مقدس مهيني ۾ پنهنجي نئين آڇ پيش ڪندس.جاري ڪيل هڪ تصوير ۾ عاطف اسلم دعا لاءِ هٿ کڻي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ٻي تصوير ۾ هو ٻين ماڻهن سان گڏ سلام پيش ڪري رهيو آهي.هن رليز بابت ڪنهن حتمي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو پر چيو آهي ته ”سلامِ عاجزانه“ جلد رليز ٿيندو.