لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ چيو ويو آهي ته آئون ڪارڪردگي ۾ هميشه انضمام الحق ۽ محمد يوسف جهڙن رانديگرن کان رهنمائي وٺندو آهيان، نيٽ ۾ سٺي بيٽنگ نه ٿي سگهي ته سمورو ڏينهن خراب گذرندو آهي، ان سفر ۾ منهنجي والدين ۽ ڪرڪيٽر ساٿين ڪافي ساٿ ڏنو. هن چيو ته ويرات ڪوهلي نيٽ سيشنز ۾ ميچ سيناريو جي پريڪٽس جو مشورو ڏنو ۽ مون بال دير سان کيڏڻ ڪين وليمسن کان سکيو.