رڳو عوام قرباني ڇو ڏئي؟

0
170
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ عوام جون اميدون هڪ کاهي مان نڪري ٻي کاهي ۾ ڪري پيون آهن.مهانگائي ڪنهن ڊيڄاريندڙ خواب وانگر عوام جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. هر حڪمران الزام اڳوڻي حڪومت تي هڻي عوام تي مهانگائي جو بم اڇلائي پنهنجي جان ڇڏائي ٿو ڇڏي پر ڪير به اهو نه ٿو سوچي ته هر ڏکئي فيصلي ۾ قرباني جو ٻڪرو رڳو عوام کي ڇو بڻائجي ۽ اهو به انهي عوام کي جيڪو پنهنجي ٻن ويلن جي پورت لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. جڏهن ته جيڪي مراعت يافتا طبقا آهن انهن کي سرڪاري سهولتون گهر ويٺي ملي رهيون آهن ڪڏهن به انهن جي رعايتن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ جو نه سوچيو ويو آهي.اڳوڻي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اهو امڪان هو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي پر اها قيمت ايڏي وڏي صورت۾ هڪ ئي ڌڪ سان عوام تي بم جيان ڪرندي اهو ڪنهن جي به وهم گمان ۾ نه هو .

حڪومت ٻه ڏينهن اڳ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في ليٽر 30 رپيا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو جيڪو ملڪي تاريخ ۾ شايد پهريون دفعو ٿيو آهي ته هڪ ئي وقت ايڏي وڏي پئماني تي ايترا اگهه وڌايا ويا هجن.حڪومت اڳوڻي حڪومت طرفان آءِ ايم ايف سان اهڙي قسم جي واعدي ۽ معاهدي جو جواز ڄاڻائي پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته اڳوڻا حڪمران چئي رهيا آهن ته انهن آءِ ايم ايف جي دٻاءَ باوجود عوام کي پيٽرول تي سبسڊي ڏئي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. اها حقيقت آهي ته ملڪي معيشت جي ڪا حالت بهتر ناهي جو عوام کي وڌيڪ رليف ملي سگهي پر انهي فيصلي جي به ڪنهن ريت حمايت نه ٿي ڪري سگهجي ته سڄو بار انهي عوام تي وجهي ڇڏجي جيڪو سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻارن لاءِ رکي سکي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست مس ڪري سگهي ٿو. هن ملڪ ۾ ئي جتي سڄو ڏينهن معاشي حالت جي خرابي جو راڳ ڳايو وڃي ٿو اتي اهڙو ڪلاس به موجود آهي جيڪو سرڪاري وسيلن مان  سڀ رعايتون ۽ سهولتون حاصل ڪري ملڪي ناڻي تي بار بڻجي رهيو آهي.

اڄ به ملڪ ۾ انهي ڪلاس کي  مفت بجلي کان وٺي مفت پيٽرول ۽ گاڏين جي سهولت حاصل ڪري رهي آهي جن جي لکن ۾ پگهار آهي انهن کي مفت گهر کان وٺي وڏن اسپتالن ۾   علاج جون  مفت سهولتون ميسر آهن. هن ملڪ ۾ جيڪو وڏي عهدي تي آهي انهي کي اوتريون وڌيڪ سهولتون ملن ٿيون. هروڀرو جا شاهاڻا خرچ ۽ پروٽوڪول جي نالي تي وزيرن ڪبيرن ۽ مشيرن جون عياشيون ۽ هر اداري ۾ غير پيداواري خرچ اهڙي فضول خرچي آهي جيڪا نه رڳو ناڻي تي بار آهي پر ان جو اثر عام ماڻهو جي زندگي تي پوي ٿو. عام ماڻهو پنهنجي گهر ۾ روشني لاءِ هڪڙي ٽيوب لائيٽ ۽ هوا لاءِ پکو هلائڻ به افورڊ نه ٿو ڪري سگهي اتي انهي جي محنت جي پئسن مان ٽئڪس وٺي  هڪڙي  ڪلاس کي اهي سهولتون مهيا ڪيون ٿيون وڃن جنهن جو عام ماڻهو سوچي به نه ٿو سگهي پوءِ وري معيشت جي خرابي جو جواز ڄاڻائي انهي عام ماڻهو تي ئي مهانگائي جي صورت ۾ بار وڌو وڃي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ايڏي وڏي پئماني تي واڌ جو اثر عام استعمال ۽ کائڻ پيئڻ جي هر شيءَ تي پوندو ۽ انهي سان انهن جون قيمتون به وڌي وينديون .مهانگائي جي ڪري اٽو اڳ ئي سئو رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته عام ٽرانسپورٽ ۾ به ڪرايا ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويندا. تنهن ڪري حڪومت معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ رڳو سولو طريقو اختيار ڪري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ وارو سولو طريقو اختيار ڪري عوام تي بار نه وجهي پر پنهنجي اضافي ۽ فضول سرڪاري ۽ غير پيداواري خرچن  ۾ به ڪٽوتي ڪري ته عوام جي انهي بار مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي .