لانگ مارچ هيلي ڪاپٽر تي نه ٿيندا آهن

0
120
افغانستان جي ازلي عداوت، دهشتگردي ۽ پاڪستان جي خوش فهمي

 رب پاڪ واضح ھدايت فرمائيندي بندي کي تڪبر ڪرڻ کان روڪيو آھي. عمران خان صاحب بي اعتمادي جي رٿ اچڻ تي خوش ٿيندي فرمايو ته “ جب گيدڙ ڪي موت آتي هي تو شھر ڪا رخ ڪرتا هي” ڪٿي ساڳي ڪار ساڻس ته نه ٿي آھي؟ سندس سڄي سياست جو محور غلط بياني، وڌاءُ، بيجا غرور، رياستي ادارن کي ملڪي سياست ۾ ملوث رکڻ يا ٻئي صورت ۾ واضح طور تي  بليڪ ميلنگ ڪرڻ رهيو آھي. ڪوڙ جو لاڳيتو ورجاءُ سچ وانگر لڳندو آھي. اهڙي تاثر جو اثر رياستي ادارن يا ته سوچي سمجهي ورتو پئي يا واقعي يقين به ٿي ويو هين ته سياسي عدم استحڪام ۽ سياسي بدعنواني مان جان ڇڏائڻ لاءِ جنهن مسٽر ڪلين جي ضرورت هئي مڄاڻ اهو املھه ھيرو اهو رانديگر ئي هجي جيڪو روايتي سياسي خاندانن سان به تعلق نٿو رکي. انهي ڀروسي ۽ اعتبار يا غلط فهمي سبب کيس سالن تائين نپائي آخرڪار 2018ع ۾ اقتدار ۾ آندو ويو.

 ملڪي آئين ۽ سياسي عمل کي ابتي رخ ۾ ھلائيندي جنهن نظام حڪومت کي وجود ۾ آندو ويو ان کي مبصرن ھائبرڊ نظام جو نالو ڏنو. پوڻن چئن سالن جي عمراني دؤر ۾ سياست ته پئي کڏ ۾، اخلاقيات، سماجي روايتون، آئين، جمهوريت ۽ سڀ کان وڌيڪ ملڪي معيشت ۽ سفارتڪاري برباد ٿي صفا پٽ پئجي ويا ۽ ملڪ حقيقي معنيٰ ۾ ڏيوالپڻي جي ڪنڌي تي اچي بيٺو. سفارتي سطح تي سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات جهڙا آزمايل دوست ملڪ امانت ۾ به ڪجھه رقم اسٽيٽ بينڪ ۾ ڊپازٽ رکڻ کان لهرائين پيا. تڏهن وڃي سڀني سگهارين ڌرين کي به احساس ٿيو ته ڳالھه ڳاٽي  کان چڙھي ويئي آھي. ڪير نٿو ڄاڻي ته ملڪي سالميت، اقتصادي استحڪام ۽ بهترين سفارتي تعلقات برقرار رکڻ ۾ جيترو ملڪ جي ڀلي ۾ ھوندو آھي اوترو يا پاڻ ان کان وڌيڪ رياستي ادارن جي حق ۾ ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته پاڪستاني سياستدان ته هر ٽئين چوٿين سال بي مروت ٿي اقتدار کان الڳ ٿيندو رهندو آھي، مستقل حڪومت ته رياستي اسٽيبلشمنٽ جي هوندي آھي جنهن کي نيٺ مالڪي ڪرڻي پوندي آھي.انهي پسمنظر ۾ سواءِ پي ٽي آءِ ۽ قاف ليگ جي سڄي ملڪ جون سڀ سياسي، مذھبي، ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتون جن وٽ اسيمبلين ۾ نمائندگي آھي،

انهن جي پارلياماني ووٽ ۽ خود پي ٽي آءِ جي ڪچي ڌاڳي ۾ پويل ميمبرن جي مخالفت سامهون اچڻ کان پوءِ بي اعتمادي جي رٿ مارچ ۾ آئين جي آرٽيڪل 95  مطابق آندي ويئي. ان رٿ کي ناڪام بنائڻ لاءِ پارٽي جي ڪارڪن صدر مملڪت، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ خود تحريڪ انصاف جي سربراھه جي بي انصافي تي ٻڌل ٻاراڻين حرڪتن جي باوجود اها تحريڪ ڪامياب ٿي ويئي. ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته آمريڪي سازش جي بي بنياد بيانيي کان وٺي ملڪ، فوج، اعليٰ عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن کي سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي جيترو گهٽ وڌ ڳالهايو يا لکيو ويو ان جي هزارين حصي جي حرڪت تي به اسان وٽ بغاوت جا ڪيس ٺھندا رهيا آھن. ڪيڏانهن ويو آئين،  قانون ۽ وري وري ورجايل ادارن جو تقدس!؟ تڏهن هر ڪنهن کي پڪ ٿي وئي ته ڪپتان لاڏلو ئي آھي جيڪو لقب کيس هن کان اڳ صرف مخالف ڏيندا هئا. عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيندي ڏسي جڏھن رياستي ادارا آڌي رات جو حرڪت ۾ آيا تڏهن مس وڃي حڪومت مان ھٿ ڪڍيائون. ان جي باوجود صدر صاحب جي پيدا ڪيل رڪاوٽن سبب حقيقي معنيٰ ۾ اقتدار اڃا منتقل نه ٿي سگهيو آھي. اقتدار کسجڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ روزاني وڏا وڏا جلسا ڪري خان صاحب رياست، حڪومت ۽ عوام ۾  اهو اعتبار قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر آيو ته لانگ مارچ واقعي تاريخي هوندو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو کڻي ويھه ٽيھه لک ته نه هوندو پر هوندو بي مثال! ان جي ابتڙ وڏن ڪوڙن،  سونامي جهڙن خوفناڪ سلوگنز ۽ لکن جا هجوم گڏ ڪرڻ جي ٻٽاڪن جي پت مورڳو وائکي ٿي ويئي اهو تاثربلڪل نه هو ته ڪو ڦوڪڻي مان ايئن ھوا نڪري ويندي جو رڳو فِش جو آواز به ٻڌڻ ۾ نه ايندو.

باوجود ان جي ته پنجاب مان ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ حماد اظھر جهڙا اڳواڻ ٻاهر نڪتا ۽ ڪافي شھرن ۾ ۽ رڪاوٽن واري هنڌن تي جذباتي ڪارڪن سيڪيورٽي ادارن سان اٽڪيا به سهي،ڪجھه سون تائين گرفتاريون به ٿيون ۽ ڪجھه المناڪ موتن جا واقعا ( پوليس ۽ ڪارڪن) به درپيش آيا پر سچ ھي آھي ته پي ٽي آءِ جي اقتداري صوبي ڪي پي  کان ٻاهر پنجاب به سندن مضبوط مرڪز سمجهيو ويندو آھي پر عوام عام توقع جي برخلاف  ٻاهر نه نڪتو. پي ٽي آءِ کان ته ٽي ايل پي جهڙو گروهي ۽ محدود حمايت جو حامل ڌڙو به تنظيمي طرح مضبوط ۽ مدافعت ۾ مؤ ثر ثابت ٿيو. سنڌ ۾ ته رات جو جيتري تائين سپريم ڪورٽ جو رڪاوٽن ھٽائڻ، سختي نه ڪرڻ ۽ قيادت کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم سامهون نه آيو هو ايتري تائين ماٺ لڳي پيئي ھئي،جنهن بعد علي زيدي به “هيرو” ٿي آڱر ڪپائي شھيدن ۾ شامل به ٿيو ته نمائش چورنگي تي پوليس سان هنگامه آرائي ڪرائي پوليس وين کي باھه ڏياري پنهنجي اصل سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو. بلوچستان حڪومت پنهنجي سياسي گهوٽالي ۾ ڦاٿل هوندي ڄڻ ته اسلام آباد کان صفا لاتعلق نظر آئي.  باقي خيبر پختونخو جي سڄي صوبائي حڪومت هيلي ڪاپٽر سميت رياست کان وڌيڪ خان صاحب جي ذاتي ملڪيت ۾ نون سالن کان ڏنل آھن. سپريم ڪورٽ حقيقت ۾ خان کي فيس سيونگ جو موقعو طلبڻ کان به وڌيڪ فراھم ڪندي اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ بدران سيڪٽر ايڇ نائن ۾ جلسو ڪرڻ جي مشروط اجازت به ڏني ته رڪاوٽن ھٽائڻ سميت حڪومت کان ڪافي هڪ طرفيون رعايتون به وٺي ڏنيون.

هي يو ٽرن ۽ ڪوڙ جي وڪالت جو بادشاھه ڍر ملندي ئي پنهنجي اصل فطرت تي اچي ويو ۽ ڪارڪنن کي پيغام ڏنائين ته سرينگر روڊ بدران هاڻي ڊي چوڪ تي گڏ ٿيڻو آھي. حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي به پوئيواري ڪرڻي ھئي ۽ ريڊ زون جي حساس علائقي کي ڪنهن امڪاني کان وڌيڪ يقيني خطري کان به محفوظ رکڻو ھو. ان ڪري ريڊ زون  فوج جي حوالي ڪيو ويو. سڄي رات پارٽي ڪارڪنن جون پوليس ۽ رينجرس جي جوانن سان چڪريون جاري رهيون. بڪتر بند گاڏي، باھه وسائڻ واري گاڏي ۽ جناح اوينيو جي گرين بيلٽ کي باھه ڏني ويئي، جيو نيوز جي عمارت تي پٿر اڇلايا ويا،  پوليس وارن سان تشدد سان گڏ ڪارڪن عورتن گار گند ڪري بدتميزي به ڪئي. ان ڏينهن  دارالحڪومت ميدان جنگ بنيل ھو جنهن ڏينهن آءِ ايم ايف کي قرض جي ايندڙ قسط ڪجھه رعايتن سان ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو اعلان ڪرڻو ھو. خميس ڏينهن جنهن مهل عمران خان هارايل ڪمانڊر جي لهجي واري نيازي جي زبان ۾ وڏا ٻول ٻولي ڇهن ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏيئي رهيو هوته ساڳئي وقت تي ٽي وي چينلز اھا خبر به هلائي پئي ته “آءِ ايم ايف پيٽروليم ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ بنا قسط جاري ڪرڻ يا پيڪيج ۾ اضافو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي” ( ھاڻي حڪومت تيل جي قيمتن ۾ 30 رپيا في ليٽر جي واڌ به ڪري ڇڏي آھي) ھي ساڳي ڳالھه آھي جيئن 2014ع  واي ڌرڻي جي موقعي تي چيني صدر کي پنهنجو دؤرو ملتوي ڪرڻو پيو ھو جيڪو سي پيڪ جي معاهدي تي صحي ڪرڻ لاءِ ٿيڻو هو.

انھن معنائن ۾ پي ٽي آءِ ملڪ لاءِ واقعي ڪنهن سونامي جهڙي بربادي کان گهٽ ثابت نه ٿي آھي. عمران خان صبح جو ڊي چوڪ جي ويجهو اچي جيڪو خطاب ڪيو اهو سڀني ڊاڙن جي باوجود اصل ۾ ٻاويھه سالن جي جدوجهد جي المناڪ پڄاڻي جو اعلان ۽ سڄي جارحاڻي موقف جو موت ته هو پر سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي به واضح توهين ھئي. سپريم ڪورٽ پوءِ  به سندس لاڏلي هجڻ جي ڀرم کي قائم رکندي حڪومت طرفان داخل ڪيل توهين عدالت جي پٽيشن تي ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران ڄڻ ته ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي قانوندانن ۽ مريم نواز واضح طور تي تحفظات جو اظھار ڪندي عدالت سڳوري جي راين کي خان صاحب کي شھه ڏيڻ جي مترادف قرار ڏنو ۽ نظرثاني جي اپيل ڪئي آھي.

چوندا آھن ته مڙس مئو پر وزن جي خبر پئجي وئي. سياسي تجزيا نگارن کي تڏھن به پڪو يقين ھو ته خان صاحب ھڪ مهيني اندر ويهن پنجويهن لکن جي هجوم سان لانگ مارچ ڪرڻ ۽ ڌرڻي ھڻڻ جي جيڪا دعوا پيو ڪري اھا يا ته غلط فهمي آھي يا خود اعتمادي! جيڪي به ھجي پر ڪري فاش غلطي پيو. ڇاڪاڻ ته اھو آخري بچيل تير هوندو جيڪڏهن خالي هلي ويو ته ان کان پوءِ ڇا ڪبو؟ هن ليکڪ سميت اڪثر مبصرن جو اهو به خيال ھو ته پي ٽي آءِ جو ورڪر ايتري تڪليف جو عادي ناهي. ھن ئي اخبار ۾  30 اپريل تي راقم جو ڪالم “ ويھ لکن جو ڌرڻو، غير يقيني صورتحال ۽ فسطائيت جا اھڃاڻ” جي سري هيٺ ڇپيو هو، جنهن ۾ چيل هو ته:

عقل ۽ منطق چون ٿا اعلانيل ڌرڻي جو تعداد ئي خام خيالي آھي. 20 لک انسان رڳو وڏن شھرن ۾ ھڪ هنڌ گھمندي ڦرندي به ڏسڻ ممڪن ناهن، نه ئي نظر جي احاطي ۾ ايندا، نه وري ڪنهن مخصوص مقام تي ماپي سگهندا. سياسي سرگرمي لاءِ ايترو آدم آڻڻ جي رڳو دعوا ئي نسوري ٻٽاڪ ٿي لڳي. ٻي ڳالھه ته پي ٽي آءِ جو ورڪر نه ٽي ايل پي جو ويڙھاڪ آھي، نه مولانا جو ڏنڊڙيو نه وري ڪو پي پي پي جو جيالو جيڪو بک ڏک ۽ مار سهي منزل ماڻي سگهي. ان رٿيل مارچ جو خيالي آغاز مئي مهيني جي گرمي ۾ ٿيڻ کپي. لاهور کان اسلام آباد ويندي پنجاب جي باھه جھڙي گرمي ۾ مڊل ڪلاس جو ورڪر جيڪو اڄ تائين جلسن ۾ ابرارالحق، قميص تيڏي ڪالي واري نيازي ۽  نرالي رنگن جي محفلن جو عادي آھي ان لاءِ اهو عشق جو امتحان ڪافي ڏکيو هوندو. شيخ رشيد کي ياد هوندو ته جنهن مهل اپوزيشن اسلام آباد لانگ مارچ جو اعلان ڪندي هئي ته موصوف خدا جي لهجي ۾ پهريائين انهن سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين جو تعداد ۽ طاقت ٻڌائيندو هو جيڪي گهرو وزير جي ماتحت هيون،  تنهن کان پوءِ ٽنگن ٻانهن جي ٽٽڻ جا آواز ڪڍندو ھو، هن وقت کين اطلاع هوندو ته فيصل آباديو شھپريل وزيرراڻا صاحب ساڳي وزارت جو انچارج آھي جيڪو ڳالهائڻ کان وڌيڪ عمل تي يقين رکندو آھي. سندس تاريخ ۽ جاگرافي کان سڀ صاحب باخبر هوندا. ان ڪري پهريون امتحان ته رڳو اقتداري شھر تائين پهچڻ ھوندو،ٻيا سڀ ڪم پوئتي آھن“

ان سڄي هنگامي ۽ Trojan Horse  يا ڌوڪي جي سياست جوالمناڪ انجام ٿيڻ جو سڀني مفاداتي ڌرين کي تمام گهڻو فائدو اهو ٿيو آھي ته اجهو ٿو شينهن اچي جو جيڪو ڊپ هو اهو شينهن ته  پڪ ڪونه نڪتو، بلڪه  تسبيح ھٿ کان مٿي چاڙھي ڪارائي تي رکڻ ۽ مذھب کي استعمال ڪري سياست ڪرڻ واري جو اصل روپ ھو جيڪوڪنٽينر تي ظاهر ٿي پيوجڏهن قاسم سوري جهڙي باعمل ڪارڪن طرفان خان صاحب کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري ياد ڏيارڻو پيو ته بي اثر خطاب ۽ “لکن جي مختصر” ميڙاڪي ۾ ساھه وجهڻ لاءِ“ ڳالھه کي ٿورو مذھبي ٽچ ڏيو”. ان مرحلي تي صحافي محسن بيگ جواهو انٽرويو ياد اچي ويو جنهن ۾ موصوف انڪشاف ڪيو هو ته خان صاحب کي ڪنسلٽنسي فرم صلاح ڏني هئي ته عوام کي مائل ڪرڻ لاءِ مذھب جو استعمال ڪريو. ھاڻي ھڪ ڳالھه ته يقيني آھي ته نه سو مڻ تيل گڏ ٿيندو نه وري خان جي سونامي جي راڌا نچندي باقي هڪ ٻئي کان گوءِ کڻندڙ ٻٽاڪين جون ٻٽاڪون ۽ دڙڪا جاري رهندا. اصل راند پردي پٺيان جاري آھي، نيٺ اهو ئي ٿيندو جيڪو ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ لکيل آھي. اهو به وسارڻ نه گهرجي ته لاڏلو اڃا به گهڻن جو لاڏلو آھي جنهن کي “ جلائو،گهيرائو اور مار دو” سميت ست خون معاف آھن ان ڪري ئي ته اسلام آباد  جيڪو 26 جي صبح تائين جليو پئي پر گادي واري هنڌ تان چَين جي بانسري جا مڌر آواز سڄو ڏينهن ٻڌڻ ۾ پئي آيا ۽ ها لانگ مارچ ھيليڪاپٽر ۾ نه ٿيندا آھن.