“رڪارڊ ڪيپنگ” جا مونجهارا نسل ٻوڙين ٿا

0
177
“رڪارڊ ڪيپنگ” جا مونجهارا نسل ٻوڙين ٿا

 سنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جي متعلق رڪارڊ ڪيپنگ (لاڳاپيل/گهربل ڄاڻ) جو ڪو به مقرر معيار اسان کي ڪونه ملندو. اسڪول ۾ داخلا کان وٺي فاني جهان مان ڪوچ ڪرڻ تائين جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو رڪارڊ کپندو ته ان جي رڪارڊ کي ڳوليندي اسان جي اڌ عمر گذري ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ملي به وڃي ته ان ۾ ايتري ته ڦيرڦار ٿيل هوندي آهي جو ان ماڻهو جي باري ۾ اسان جي ڪا به حتمي راءِ ڪانه جڙندي آهي. آخر ۾ اسان جي سوچ اتي ئي اچي دنگ ڪندي آهي ته هٿ کڻڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت آهي.

                 ٻار جي باري ۾ پهرين ڄاڻ ان جو ڄم ڏينهن/ تاريخ هوندي آهي پر اسان وٽ ٿيندو ائين آهي ته ان جي ڄم تاريخ به مبهم هوندي آهي. گهڻا ماڻهو لکن ئي ڪونه، گهڻا لکندا ته صحيح ڪونه لکندا، ٻار ڄمندو خميس ڏينهن ته وري لکندا جمعو، سندن جي خيال ۾ جمعو مبارڪ ڏينهن آهي ۽ ان جو ٻار جي صحت ۽ زندگي تي سٺو اثر پوندو. گهڻن ماڻهن، ذات، برادرين وٽ ڪجهه ڏينهن منحوس تصور ڪيا ويندا آهن، شايد ان ڪري به ماڻهو ٻار جو ڄم ڏينهن بدلائي لکائيندا آهن. ان کانپوءِ ان جو نالو رکڻ به خاندان ۾ گهڻن ئي ڦڏن کي جنم ڏيندو آهي. ماءُ چوندي جيڪو نالو ان سوچيو آهي، ٻار لاءِ اهو سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو، پيءُ ڪنهن مولوي کان وڃي پڇي ايندو، سمجهندو مولوي صاحب جيڪو نالو ڏسيو آهي، اهو نه صرف ديني آهي پر ٻار لاءِ برڪت وارو به ثابت ٿيندو. ٻار جو ڏاڏو سڀني کي دڙڪا ڏيندو ۽ هي چوندي فخر محسوس ڪندو ته ٻار تي هن جي مرحوم ڀاءُ جو نالو رکبو. هن جي خيال موجب نوان ۽ فيشني نالا خاندان ۾ بگاڙ ۽ ڌڻين (ماڻهو جيڪي هي جهان ڇڏي چڪا آهن) کي وسارڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا ۽ جيڪڏهن ان خاندان جو ڪو مرشد يا ڪو چڱو مڙس آهي ته وري اهو به وسان ڪونه گهٽائيندو، گهر ۾ خوشقسمتي سان جيڪڏهن ڪجهه پڙهيل لکيل نوجوان آهن ته اهي به نالي رکڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهي پوندا. باوجود هنن ڳالهين جي اسان ڪافي اڳتي نڪري چڪا آهيون پر، پر انهن ڪارڻن ڪري سنڌ ۾هڪ ٻار جا هڪ کان وڌيڪ نالا رکيا ويندا آهن ۽ هر نالي جي “اسپيلنگ” به عجيب ۽ غريب هوندي آهي. انهيءَ ڪري نالن جي “اسپيلنگ” تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي نوڪري ملڻ تائين اسان جي نالن جي هِجي (اسپيلنگ) جو به ڪوبه مقرر معيار ڪونه آهي. مثال طور عائشا جي اسپيلنگ تي غور ڪيو. Aisha Ayesha, Aaisha, Ayisha,  هن نالي جون اسان وٽ هڪ کان وڌيڪ هِجي آهن، وري هن نالي کي ڏسو:Saleem, Salim, Saliem  يا وري هن نالي تي غور ڪريو: Chuttal Khan, Chutal Khan, Chotal Khan  هي ته ڪجهه مثال آهن نالن جا. هاڻي اچون ٿا ذاتين جي هِجي تي: سومرو soomro, sumro, sumaro، Solangi, Solungi, Sulangi, Abbasi, Abassi, Abasi, Syed, Sayyed, Saiyed  وري اچو ته شهرن جي نالن کي ڏسون. Naushoroferoze, Noshorofairoz, Mehrabpure, Mehraabpure, Umerkot, Omerkote, Umarkot,  هنن ۽ اهڙين کوڙ سارين غلطين جو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ، نه ته ان ٻار جو خاندان سوچي ٿو، نه اسڪولي سطح تي هن ڪم لاءِ سنجيدگي ڏٺي وئي آهي، ۽ نه ئي وري حڪومتي سطح تي ڪا پاليسي جوڙي وئي آهي، جيڪا نالن جي اسپيلنگ جو هڪ مقرر معيار تيار ڪري ٻار کي اسڪول داخل ڪرڻ وقت ان کي سختي سان لاڳو ڪرائي.

سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي واري کاتي جي هڪ ذيلي اداري “ريفارم سپورٽ يونٽ” (آر ايس يو) ۾، جيڪو سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ سال 7-2006ع کان ڪم ڪري رهيو آهي، ان ۾ ڪجهه سال ڪم ڪندي اسان جڏهن سال 14-2013ع ۾، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران نوڪري لاءِ جمع ڪرايل دستاويزن جي باري ۾ جاچ پڙتال ڪئيسين پئي ته اسان کي ڪافي ڏکيائون پيش آيون هيون. سنڌ ۾ هر بورڊ جي مارڪ شيٽس کان وٺي، روينيو آفيس وارن ڪاغذ پٽن تائين يا نادرا پاران جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن تائين، اسان کي ڪوبه خاطر خواهه معيار ۽/يا مقرر نمونو ڪونه مليو، جيڪو اسان جي لاءِ آسانيون رکندڙ هجي ها. هڪ بورڊ هڪ اميدوار جو نالو پهريان لکيو آهي ته ٻئي واري سيٽ نمبرز کي، ڪنهن تاريخ اول لکي آهي ته ڪنهن آخر ۾، ڪنهن سبجيڪٽز ٽيبل کي باقاعدا لکيوآهي ته ڪنهن بس وقت گذارو ڪيو آهي. سڀ کان وڌيڪ تنگ اسان کي اميدوارن جي ڊوميسائيلن ۽ فارم- ڊي ۽ سڃاڻپ ڪارڊن ڪيو، جن ۾ هڪ نالي جي اسپلينگ هڪ ڪاغذ ۾ هڪڙي ته ٻئي ۾ ٻي هئي. مثال: ڊوميسائيل ۾ Sakeena  ته ميٽرڪ جي واري سرٽيفيڪيٽ ۾ Sakina جيڪي سڃاڻپ ڪارڊ سنڌي يا اردو ۾ ٺهيل هئا، اهو هڪ الڳ مسئلو بڻجي رهيو هو.

هن مسئلي جو مک ڪارڻ سنڌ جي هڙني ضلعن ۾ تعليمي سرٽيفيڪٽن ۾ نالن جي اسپيلنگ، ڊوميسائيلن يا فارم- ڊي جو ڪو به هڪ مقرر يا متفق معيار يا نموني جو نه هجڻ آهي. توهان کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته ڪوبه ڊوميسائيل يا پي آر سي يعني فارم- ڊي جيڪو ڪنهن به اميدوار کي ڪنهن به سرڪاري اداري ۾ نوڪري ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم قانوني گهرج هوندي آهي، اهو اميدوار متعلق پوري ڄاڻ ڪونه پيو ڏئي. اسان جو ڪم ٽيچرز ريڪروٽمنٽ پاليسي 2012 تحت اين ٽي ايس پاس اميدوارن کي سندن يوسين، تعلقن ۽ ضلعي جي اسڪولن ۾ ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استاد طور مقرر ڪرڻ هو. ان جي لاءِ اسان هر اميدوار جي دستاويزن جي جاچ پڙتال ڪري رهيا هئاسين ۽ انهن جي يوسين، تعلقن يا ضلعن کي معلوم ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪا قانوني راهه يا ڪو حل هو ته اهو هو هنن جا اهي ڊوميسائيل يا فارم- ڊي هئا پر اسان کي تمام گهڻي مشڪل پيش آئي ڇاڪاڻ جو اڪثر ڊوميسائيلن ۾ يونين ڪائونسلون لکيل ئي ڪونه هيون، بس اڌ گابرو اميدوارن جو پتو لکيل هو يا ڪٿي ته صرف تعلقي جو نالو لکيل هو. اهو ته ڀلو ٿئي اين ٽي ايس ڊيٽا جو، جو ان ٽيسٽ لاءِ اسان جيڪو فارم مقرر ڪيو هو، ان فارم جي ذريعي اميدوار جي جيڪا معلومات اسان کي گهربل هئي، ان ۾ اسان يوسي کي به شامل ڪرايو هو.

اهڙي طرح يونرن ڪائونسلون به ذات، برادري ۽ شخصي نالن آڌار جڙيل آهن. جاچ پڙتال دوران اسان کي ضلعن جي نئين سر جوڙجڪ جيڪا اڪثر سياسي بنيادن تي ٿئي ٿي، معلوم ٿي (ڪاش اها روينيو کي نظر ۾ رکندي يا ان ضلعي ۾ رهندڙ آبادي کي سهولت پهچائڻ لاءِ ڪئي وڃي). هڪ ضلعي کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ سبب گهڻن ئي اميدوارن جون اميدون تيل ٿي ويون يعني نوڪري کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوان ڪاغذ ٺهرائڻ، جيڪي گهربل تاريخ کان بعد ۾ مليا. مثال: سيوهڻ جيڪو دادو کي گهڻو ويجهو آهي. ان کي ڄامشورو ۾ شامل ڪيو ويو.

سنڌ جي آفيسن ۾ ڪوبه بهتر نظام جيڪو عوام جي لاءِ ڀلائي آڻي اڻلڀ آهي، ڊيٽا جيڪا گهربل آهي اڻپوري آهي، دستاويز جيڪي ضروري آهن، انهن ۾ موجود مواد ۾ خرابيون آهن، نالن جي هِجي جو ڪو مقرر معيار ڪونه آهي، يوسين، تعلقن يا ضلعن کي ترقي ۽ سهولت لاءِ نه پر حڪمران پارٽي جي ووٽ بينڪ کي سامهون رکڻ جي بنياد تي ٺاهيو ۽ ڊاهيو وڃي ٿو ته پوءِ ترقي حڪومت ۾ موجود اشرافيا جي ته ٿي سگهي ٿي پر عوام جي ڪونه ٿي ٿئي ۽ نه ئي وري ڪي علائقا ترقي ڪن ٿا. ان جي ابتڙ عوام ۾ بيزاري، ڪاوڙ ۽ اسهپ وارا لاڙا جنم وٺن ٿا ۽ هر اهو پڙهيل لکيل ماڻهو شش ۽ پنج جو شڪار ٿئي ٿو، جيڪو مٿي بيان ڪيل مونجهارن کي منهن ڏئي ٿو. بيان ڪيل مڙني حقيقتن کي سامهون رکندي سنڌ جي نگران حڪومت خاص طور تي سنڌ جي تعليم کاتي کي مفت مشورو ٿو ڏجي ته رڪارڊ ڪيپنگ جا مونجهارا ۽ مسئلا جيڪي عوام جي لاءِ ڪيترن ئي ڏکيائين جو سبب بڻجي رهيا آهن، تن کي سامهون رکي “نيمز اسپيلنگ، سرٽيفيڪٽس اينڊ ڊاڪيومينٽس اسٽينڊرڊز پاليسي” کي تيار ڪرايو وڃي، جيڪا هنن سڀني مامرن، معاملن ۽ مونجهارن جو تدارڪ ڪري ۽ عام عوام جي زندگين ۾ آسانين جو باعث بڻجي. دنيا ۾ هر شئي جنهن جو واسطو انسان جي سماجي ضرورتن ۽ حيثيتن سان آهي ۽ انهن جو هڪ معيار مقرر ڪيو ويو آهي. هڪ اسان جو ملڪ ۽ صوبو آهي، جتي هر ڪم مرضي يا خواهش جي تابع ڪيو ڪرايو وڃي ٿو.